Sunday, April 8, 2012

University Education - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam

    سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد/ڄامشورو وارو زمانوـ
        لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان داخلا رد ٿيڻ بعد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي ان وقت سائنس شعبي جو سربراھ ڊاڪٽر ممتاز قاضي صاحب هو جيڪو اصل نصرپور جي مشهور قاضي خاندان مان هو ۽ حيدرآباد ۾ رهائش رکندو هو. ڊاڪٽر قاضي صاحب پوءِ سنڌ جو سائنس جو سيڪريٽري ۽ صدر جوسائنسي صلاحڪار ٿيو. ڪيميا جو شعبو تڏهن اولڊ ڪئمپس واري بلڊنگ ۾ جتي هاڻي بي-ايڊ. ايم-ايڊ جا ڪلاس هلندا آهن اتي هوندو هو.
          يونيورسٽي جي پڙهائي ۽ حيدرآباد شهر جي رهائش جو خرچ ڀرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي خاندان وٽان پوري ساري رقم ملندي هئي جيڪا پڙهائي وغيره لاءِ ايتري مناسب ڪانه هئي. ڀائرن تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پاڻ ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيائين. هوم اسٽيڊ هال چاڙهي جي منهن ۾ مٿي ويندي ساڄي هٿ هڪڙي وڏي واڻڪي بلڊنگ ۾ تاج پور جو نواب خير محمّد خان ٽالپر رهندو هو سندس پوٽي امداد علي خان ولد مرحوم نواب الله بخش خان کي پڙهائڻ لاءِ روزانو ٽريننگ ڪاليج واري هاسٽل کان پنڌ وڃي پڙهائي ايندو هو. نواب خير محمّد خان اٽڪل 22 هزار ايڪڙ زمين رکندڙ وڏو جاگيردار هو انڪري سندس لاڏلي پوٽي جو پڙهائي طرف ڌيان پورو سارو هو ۽ ٽيوشن پڙهائيندڙ استاد سان تعاون گهٽ هو. ممڪن آهي استاد سان سلوڪ به ڪجھ اهڙو هجي جو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سلسلو ختم ڪري ڇڏيو. سندس جاءِ تي ٻيو هڪڙوغريب ۽ ضرورتمند ڇوڪرو غلام حسين خاصخيلي ٽيوشن پڙهائڻ لڳو(ڊاڪٽر غلام حسين خاصخيلي سنڌ يونيورسٽي مان پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيو وڏا وڏا ريسرچ پروجيڪٽ هلائيندو هو ۽ ناميارو پرفيسر مڃيو ويندو هو.)
انهي زماني ۾ الله بخش نظاماڻي نور محمّد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج جو سربراھ هو. نظاماڻي صاحب جڏهن ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ناموس ٻڌي ته کيس معمولي پگهار تي ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيائين. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي رهائش ٽريننگ ڪاليج ۾ هئي انڪري هن لاءِ چند قدمن تي وڃي شام جو پڙهائڻ آسان هو. هي 61-1962ع جو زمانو هو سنڌ يونيورسٽي جي ڄامشوري واري ڪئمپس جون هاسٽلون ٺهي رهيون هيون جن جا ٽي چار بلاڪ ٺهي چڪا هئا ۽ ڪجھ شعبا اوڏانهن منتقل ٿي ويا هئا. ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ پڻ اوڏانهن منتقل ٿي ويو انڪري مسلم ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو سلسلو بند ٿي ويو. اهڙي وقت ۾ مولوي شفيع محمّد ولد مير محمّد نظاماڻي ويٺل ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جنهن جو ڏيپرن جي ادارن جي سلسلي ۾ اڳ ئي ذڪر ٿي چڪو آهي تنهن ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ڪي قدر مالي سهائتا ڪئي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ پڙهائي جي سلسلي ۾ بي انتها محنتي شاگرد هو، پڙهائي واري زماني ۾ ڪڏهن به کٽ يا هنڌ استعمال ڪونه ڪيائين چوندو هو ته جيڪي شاگرد پڙهائي دوران ننڊون ڪندا اهي وڏي هوندي ڇا ڪندا. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ 1961ع ۾ بي-ايس-سي آنرز ڪئي، سائنس فيڪلٽي ۾ اول نمبر آيو کيس چاندي جو ٻلو مليو مجموعي طور سندس ٻيو نمبر هو پهريون نمبر ڪنهن ڇوڪريءَ حاصل ڪيو. ڪيمسٽري ميجر ۽ باٽني مائينر سبجيڪٽ هئا. جڏهن M.Sc فائينل جا امتحان ٿيا ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ پنهنجي استاد ڊاڪٽر ممتاز قاضيءَ کي گذارش ڪئي ته B.Sc ۾ ساڻس قدري ناانصافي ٿي آهي هينئر به ساڳيو امڪان آهي انڪري سندن امتحاني پيپر ڍاڪا يونيورسٽي کي روانا ڪيا وڃن. پروفيسر ڊاڪٽر قاضي صاحب جن پيپر ڍاڪا يونيورسٽي کي روانا ڪرائي ڇڏيا جڏهن نتيجو آيو ته ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ٿيو سلور ميڊل ماڻيائين ۽ مقابلو ڪندڙ ڇوڪريءَ ساراھ جهڙا نمبر به ڪانه آڻي سگهي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ذهانت جي باري ۾ سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ ڊرامه نگار محمّد اسماعيل عرساڻي (آچر22 مئي 1983ع جي هلال پاڪستان اخبار ۾ڇپيل مضمون) لکي ٿوته هڪ دفعي ڪنهن ممتحن سندس پرچي ۾ ئي نوٽ لکيو ته ‘‘امتحان ڏيندڙ امتحان جو پرچو ڏسندڙ کان بهتر ٿو ڄاڻي’’.

No comments:

Post a Comment