Tuesday, April 10, 2012

Post Graduate course from Japan - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


جپان روانگي ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي 15 سيپٽمبر 1968ع تي شادي ٿي جنهن جي ڏهاڪو ڏينهن بعد يونيسڪو ۽ جپان حڪومت جي خرچ تي ڪيميسٽري ۽ ڪيميڪل انجيئرنگ ۾ انٽرنيشنل پوسٽ گريجوئيٽ يونيورسٽي ڪورس ڪرڻ لاءِ ٽوڪيو، جپان روانو ٿي ويو.ڪورس 03 آڪٽوبر 1968ع کان شروع ٿي 16 سيپٽمبر 1969ع تي ختم ٿيڻو هو.شادي جي چند ڏينهن بعد جپان تڪڙي روانگي کي نظر ۾ رکندي سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي پبلڪ رليشننگ آفيسر (P.R.O) ۽ صحافي پير مظهر(هاڻي سنڌ جو وزيرتعليم) ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو انٽرويو ڪري هڪ مضمون عبرت اخبار ۾ شايع ڪرايو جنهن جو عنوان هو‘علم جي تلاش’.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ لاءِ علم جي تلاش واقعي به وڏي شوق جي ڳالھ هئي سنڌ يونيورسٽي کيس صرف 02 ڏينهن لاءِ پوري پگهار سان موڪل ڏني باقي 11 مهينا 28 ڏينهن اڌ پگهار جي شرط تي جپان وڃڻ جي اجازت ڏني هئي پاڻ اهو شرط قبول ڪري روانا ٿيا. جپان لاءِ اسڪالرشپ ٿوري هئي انڪري پاڻ سنڌ يونيورسٽي کي خط لکي گذارش ڪري ويا هئا ته سندس اڌ پگهارجپاني ڪرنسي ۾ تبديل ڪري اسٽيٽ بئنڪ جي معرفت کيس موڪلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. جپان ۾ رهائش دوران پاڻ ٽيڪنيڪل انجنيئرنگ تي لکڻ شروع ڪيوهئائون پر مڪمل ڪونه ٿي سگهيو. ڊاڪٽر صاحب جن ڪورس پورو ڪري ڊپلوما وٺي 23 سيپٽمبر 1969ع تي واپس اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ درس تدريس ۾ مشغول ٿي ويا. محمّد اسماعيل عرساڻي لکي ٿو ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جپان ۾ پاڻ کي اهڙو لائق فائق ثابت ڪيو جو آخر تائين به جپان يونيورسٽي کائنس ڪيميسٽري جو پيپر سيٽ ڪرائيندي هئي.


ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سان ڀٽائي جي لفظن ۾ ‘پيان نه ڍاپان’ وارو حساب هو علم جي اُڃ اجهامڻ واري ڪانه هئي. پاڻ 1970ع ۾ ناروي روانو ٿيڻ کان اڳ نيشنل ريسرچ ڪائونسل ڪئناڊا کي خط لکي ڪيميسٽري جي شعبي ۾ ريسرچ ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئائون پر ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين 70-1971ع لاءِ فيلوشپ جو فيصلو اڳواٽ ٿي چڪو هو انڪري کيس سال 71-1972ع لاءِ درخواست ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو. ڪئناڊا جي فيلوشپ بابت اطلاع ملڻ کانپوءِ پاڻ ترت ئي اوڪلاما   (Oklama)يونيورسٽي کي لکيائون، جن معذرت ڪندي ڄاڻايو ته جنهن فيلڊ ۾ اوهين ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ان ۾ في الحال گنجائش ڪانهي جئين ئي گنجائش نڪتي ته ضرور اطلاع ڪيو ويندو.


No comments:

Post a Comment