Wednesday, April 4, 2012

High School Education - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


مخدوم غلام حيدر مدرسه ۽ هاءِ اسڪول هالا جو زمانوـ
تعلقي هالا جو ڳوٺ واليڏنو ڏيپر جنهن کي جماعت اسلامي وارن منصوره بنائي ڇڏيو آهي اتي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جي خاڪسار ۽ انتهائي مخير ۽ مخلص شخص مولوي شفيع محمد نظاماڻي تعليمي ادارن جو بنياد وڌو، پرائمري اسڪول، اورينٽل ڪاليج ۽ ديني مدرسو قائم ٿيا اڳتي هلي هاءِ اسڪول پڻ قائم ڪيو ويو. انهن مڙني ادارن کي هلائڻ لاءِ مولوي (مرحوم) پنهنجي ٻه سئو ايڪڙ کن بهترين زرعي زمين وقف ڪري ڇڏي. ان اداري جي شروعات ۽ عروج ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏن ڀائرن ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادن شاھ جو وڏو هٿ هو.

مولوي شفيع محمّد ان وقت مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا جي بورڊ جو ميمبر هو، پنهنجي ڀلي طبعيت ۽ سيد ڀائرن سان واسطي جي ڪري سيد ميرل شاھ ۽ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جن کي هالا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ ۾ مدد ڪيائين. 02 اپريل 1949ع تي داخلا ٿيڻ بعد هاءِ اسڪول واري تعليم جو آغاز ٿيو. ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر غلام رضا ڀٽو هو، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي جوهر کي تاڙي ورتائين ۽ ڀٽو صاحب سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ کيس بي انتها ڀائيندو هو. انهيءَ زماني ۾ هاءِ اسڪول اسڪالرشپ انگريزي ٽئين درجي مان ٿيندي هئي، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انهيءَ امتحان جي لاءِ سراج الدين ميمڻ ۽ فيض محمّد ميمڻ نالي ٻن انتهائي قابل استادن وٽ تياري ڪرڻ لڳو 52-1953ع ۾ ڏنل امتحان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري اسڪالرشپ جو حقدار ٿيو. پڙهائي دوران اسڪول ليول تي ٿيندڙ ڊبيٽن ۾ به ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ حصو وٺندو هو، استادن ۽ شاگردن جي مقابلي واري هڪ ڊبيٽ ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪپ کٽيو ۽ سندس ٽيم استادن کان مقابلو کٽي ورتو.اسڪول جي پڙهائي دوران پاڻ کان مٿئين درجي  جي شاگردن کي حساب ۽ سائنس پڙهائيندو هو. پنهنجي ڪلاس ۾ سدائين پهريون نمبر ايندو هو انڪري هيڊ ماستر ۽ ٻيا استاد توڙي شاگرد کيس تمام گهڻو چاهيندا هئا ۽ سندس عزت ڪئي ويندي هئي. سال 1953ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ ورنيڪبولر فائينل امتحان جو پهريون ڀيرو سينٽر هالا کي ڪيو ويو، سندس شوق ٿيوته اهو امتحان به ڏئي ڇڏجي، فارم ڀرائي امتحان ڏنائين ۽ سڄي سينٽر مان فرسٽ ڊويزن ۾ اول آيو.

هاءِ اسڪول واري تعليم دوران ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ کائنس وڏو ڀاءُ سيد ميرل شاھ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئا، اسڪول جو باني مخدوم غلام حيدر (مخدوم محمّد زمان طالب المواليٰ جو چاچو) زندھ هو اهو پنهنجي طرفان شاگردن جي کاڌي لاءِ گهڻي ۾ گهڻي مدد ڪندو هو. غريب شاگردن جي ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي ۽ ڪتابن جو بار پاڻ کڻندوهو. اسڪول جي هاسٽل ۾ مانيءَ جو بندوبست مولوي عبدالباقي سنڀاليندو هو جيڪو نھايت ڪفايت شعار هو انڪري شاگردن جي کاڌي پيتي ۾ به ڪفايت کان ڪم وٺندو هو. هاءِ اسڪول جو ستون سال پورو ٿيو مئٽرڪ جي امتحان جو سينٽر ساڌو هيرانند، نولراءِ اڪيڊمي حيدرآباد ۾ هو، انهيءَ وقت امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ 55-1956ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي، حسابن، جاميٽري، آلجبرا ۽ عربيءَ ۾ امتيازي مارڪون کڻي هاءِ اسڪول ۾ ٻيو نمبر آيو.


No comments:

Post a Comment