Monday, April 9, 2012

Post Graduation - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


اعليٰ تعليم ۽ ريسرچ ـ
نومبر 1963ع ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج ۾ جونيئر ليڪچرر مقرر ٿيو ساڳئي ئي سال ۾ کيس ميرٽ اسڪالرشپ ملي جيڪا برطانيا ۾ وڃي پڙهڻ لاءِ هئي. پاڻ آڪٽوبر 1964ع ۾ لنڊن لاءِ روانو ٿيو، هالا تعلقي مان پهريون شخص هو جيڪو ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ ولايت وڃي رهيو هو. امپيريل ڪاليج لنڊن جي ان وقت جي اعليٰ تعليم لاءِ داخل شاگردن جي لسٽ مان پتو پوي ٿو ته ڪيمسٽري ۾ اڪيلوئي پاڪستاني شاگرد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هو. 23 جنوري 1965ع تي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته آئون موجوده وقت ۾ (Pure science) ۾ پهريون سنڌي آهيان جنهن کي اسڪالرشپ ملي آهي سابه ايتري تڪڙي.

       شروعات ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ ڊاڪٽر اسدالله قاضي (هن وقت وائس چانسلر اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد) هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رهندا هئا. ٻئي ڪمري ۾ ڊاڪٽر حاجي محمود ميمڻ (مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿيو) ۽ هڪ ٻيو سنڌي رهندا هئا ماني پاڻ پچائي کائيندا هئا. ڊاڪٽر بدرافغان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نورمحمّد ٽالپر به ان وقت Ph.D ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ هئا. 09 نومبر 1964ع تي سيد قادن شاھ کي خط لکي ٻڌايو اٿن تهD.I.C   (Diploma Of Imperial College)هڪ سال لاءِ ڪرائيندا آهن پوءِ Ph.D جو ڪم شروع ڪرايو ويندو آهي مونکي هڪ سال جو عملي تجربو هو ۽ منهنجي ڪارڪردگي ڏسي ٻن ٽن مهينن اندر D.I.C جو شرط هٽائي سڌي سنئين Ph.D ۾ داخلا ڏني اٿن. اڳتي لکن ٿا ته، هتي سخت محنت ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اسان پاڪستان ۾ جيڪي ڪتاب M.Sc ۾ پڙهيا اهي هتي B.Sc ليول تي پڙهايا ويندا هئا ۽ 1930ع کان وٺي هتي متروڪ آهن.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو پروفيسر G.W.kirby اتان جو مڃيل استاد هو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي استاد تي ايترو اثر قائم ڪري ورتو جو پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله قاضي موجب ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪم ڪندو ئي مس هو ته ٻئي ڏينهن سندس سپروائيزربيٺو هوندو هو آئون چوندو هئس ته مُلان منهنجو سپروائيزر مونسان ڳالهائي ڪونه ٿو پڇانس ٿو ته آئون ڪهڙا ڪتاب پڙهان ته انتهائي رخو ٿي وراڻيندو هو ته وڃي لائبريري ۾ ڳول (ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ لاءِ پيار سان قاضي صاحب باربار مُلان چوندو رهيو) ڊاڪٽر اسدالله قاضي جن وڌيڪ ٻڌايو ته مون پنهنجي استاد سان ضد ڪيو ته مونکي M.Sc ڪرڻ ڏيو جنهن تي استاد ناراض ٿيو ۽ وراڻيائين ته امپيريل ڪاليج لنڊن جي ڊپلوما يونيورسٽي جي M.Sc کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي ٻن ٽن مهينن ۾ D.I.C ملي وئي ۽ پاڻ Ph.D به اسان کان ٽي مهينا کن اڳ مڪمل ڪري ويو حالانڪه اسين ڪاليج ۾ مهينو دير سان پهتا هئاسين. ڊاڪٽر حاجي محمود ۽ ڊاڪٽر بدر افغان اسان کان به ٻه ٽي مهينا اڳي لنڊن ۾ موجود هئا پر ڪن سببن جي ڪري اهي اسان کان به مهينو کن پوءِ ڊگري وٺي آيا.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو پروفيسر ‘لورپول’ يونيورسٽي وارن جي گهرائڻ تي اوڏانهن هليو ويو هو انڪري سندس شاگرد جي زباني امتحان جو لورپول ۾ بندوبست ڪرايو ويو. زباني امتحان لاءِ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڀائرن کي خط لکي ٿو ته آئون دنيا جي جديد ريسرچ وارن جرنلس مان به تياري ڪري ويو هئس اتفاق اهڙو ٿيو جو منهنجو ايڪٽرنل ان لٽريچر ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هو، زباني امتحان  ختم ٿيندي ئي مبارڪ ڏيندي چيائين ‘محترم سيد هاڻي توهين ڊاڪٽر آهيو’ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪري پاڻ آڪٽوبر 1967ع ۾ وطن واپس آيا. واپس اچڻ تي عزيزن، دوستن ۽ راڄ وارن جيڪا آجيان ڪئي اها وسارڻ جهڙي ڪانهي، ڪي ڪيترا ڏينهن ماڻهو ايندا رهيا ۽ خوشي جو اظهار ڪندارهيا. 23 آڪٽوبر 1967ع تي پاڻ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ پنهنجي جونيئر ليڪچرار واري عهدي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائون.

No comments:

Post a Comment