Tuesday, April 3, 2012

Early life - Courtesy of Prof Syed Attaullah Shah, Agriculture University Tando Jam


شروعاتي احوال ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي خاندان کي سنڌ ۾ ڪا به مريدي خادمي ڪانه هئي ۽ نه ئي وري ان طرف رجحان رهيو، سندن وڏا خاڪ شوري جو پورهيو ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ (وفات، جولاء 1987ع) ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي زندگيءَ جو احوال (اڻ ڇپيل) ۾ لکي ٿو ته سندن ڏاڏو سيد محمّد شاھ جيڪو حيدرآباد مان لڏي پنهنجي اڳ ويٺل عزيزن وٽ ڳوٺ امين لاکي ۾ اچي رهيو، مشهور کوهاڻو هو، کوهن لاءِ سرون به پاڻ وجهندو ۽ پچائيندو هو. ساڻس گڏ سندس عزيز سيد لعل شاھ به ساڳيوپورهيو ڪندو هو. ڳوٺ بچو رند، پراڻي سيدآباد جي باغ وارو کوھ ۽ ڳوٺ امين لاکي جي اُتر ۾ سنهڙي وارو کوھ جيڪو واڻين کڻايو هو ۽ اڄ به دائم قائم آهي مڙئي سيد محمّد شاھ جا کنيل هئا. پاڻ وفات وقت پنهنجي پٽن کي چيو هئائين ته مون اوهان کي پنهنجي سيني جو رت ولوڙي کارايو آهي تنهنڪري اوهين به پنهنجو پورهيو ڪري ٻچا پالجو پر ڪنهن ڏي هٿ نه ڊگهيرجو. سندس فرزندن به سڄي عمر ٻنيون ڪاهي، نار چاڙهي ۽ ٻيون ڪيترن قسمن جون مزدوريون ڪري پنهنجون زندگيون گذاريون ۽ اولاد نپائي وڏو ڪيو

ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ 1934ع ڌاري ڄائو، پر اسڪول رجسٽر ۾ سندس ولادت جو سال 1939ع درج ٿيل آهي. اُن وقت هي ڪُٽنب تمام غربت جي زندگي گذاريندو هو، ٻنيون جيڪي ٿوريون گهڻيون هيون سي درياءُ پائي ويو باقي وڃي 11 کن ايڪڙ ڇڏيائين. مال چور ڪاهي ويا، ڳاڙهو اُٺ جنهن کي ديوانو سڏيندا هئا ۽ هڪڙو ڍڳو به چورائجي ويو خبر پوڻ جي باوجود چورن مال ڪونه موٽايو. خاندان جو ڏاڍو ڏکيو گذر ٿيندو هو اڪثر ويلا پئجي وينداهئا، اهڙي حال ۾ ڳوٺ شير خان مجيداڻي جو تڳيو مجيداڻو، مائي ڀانوان، مائي ڳوري، ڳوٺ هوت سيال جي مائي صابي سيالڻ ۽ ڳوٺ امين لاکي جي مائي ڌاڻَو حاجاڻي ۽ پيرزادا، خاندان جي مدد ڪندا هئا. ان ئي زماني ۾ سيدآباد پراڻي جي گر بخش سنگھه پٽ سُندر سنگھه وٽ گروي رکيل 10 ايڪڙ زمين جو ٽڪرو قرض ۾ هليو ويو.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ولادت کان هڪ سال اڳ يعني 1933ع جا يادگيرا لکندي ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته 1933ع ۾ بابا چڻا پوکيا جن کي سيءَ ساڙي ڇڏيو باقي جيڪي بچيا انهن کي ڪينئون وٺي ويو فصل مان ڪجهه ڪونه مليو انڪري اڪيلو ڍڳو جنهن کي لاڏڪو سڏيندا هئاسين اهو رمضان حاجاڻي کي ويهن رپين ۾ ڏئي ڍل پياريسون. ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ جو ٻيو نمبر وڏو ڀاءُ سيد قادر بخش شاھ عرف قادن شاھ انهن ڏينهن لاءِ لکي ٿو ته غربت جي ڪري ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذرندا هئا، هڪ ڀيري گهر ۾ اَنُ ڪونه هو امان کي الائي ڪٿان هڪڙو ٽَڪو مليوهو. اڳي ٽامي جا ٽَڪا هئا جنهن جي تور هڪ تولو هوندي هئي. آئون اهو کڻي ‘ڪرمووائڻي’ جي هٽ تان اَنُ وٺڻ ويس اتي هڪ مسلمان ويٺو هو ٽڪي جو اَنُ وٺندو ڏسي هن کلي چيو ‘ٽڪي جو اَنُ ؟’، واڻئي مونکي اَنُ توري ڏنو هو. سيد قادن شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته بابا پورهيو ڪري جيڪي هٿ ايندو هئس گهر کڻي ايندو هو، امان ڀرت ڀري، کٽون واڻي، جنڊ پيهي  ڪجھه نه ڪجھه ڪمائيندي هئي. ڪي ماڻهو تعويذ لکائڻ ايندا هئا يا ٻارن کي ستيون ڦڪيون ڪرائڻ ايندا هئا. امان جي هٿ ۾ الله سائين وڏي شفا رکي هئي ماڻهو ستين ڦڪين بدلي اَنُ يا پئسا ڏئي ويندا هئا.

ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته امڙ ڏاڍي سياڻي، سيبتي ۽ صبر شڪر ڪرڻ واري هئي، اسان ٻارن کي چيل هوندو هو ته ڪڏهن به مانيءَ واري وقت تي ڪنهن عزيز قريب يا قُرب وارن جي گهر ڪونه وڃبو، جيڪڏهن وڃو ته مانيءَ کائڻ مهل کين ڪڏهن به ڪونه ڏسبو. اسان پرائمري جي پڙهائي دوران اسڪول مان موٽي ايندا هئاسون گهر ۾ جيڪڏهن ماني ڪانه هوندي هئي ته ماءُ جي ڏنل سمجهاڻيءَ تي راند روند کي لڳي ويندا هئاسون ڪڏهن به ماءُ کي مانيءَ لاءِ تنگ ڪونه ڪيوسيون. چڙي جواني کي پهتاسين ۽ حالتن وڌيڪ پڪو پختو ڪري ڇڏيو ان وقت اسان وٽ هڪ اصطلاح هوندو ته اڄ اسان کي وڏن جي سنت ڪرڻي آهي يعني اڄ اسان کي فاقو ڪڍڻو آهي. ڪچڙي جواني کي پهتاسين ۽ حالتن وڌيڪ پڪو پختو ڪري ڇڏيو ان وقت اسان وٽ هڪ اصطلاح هوندو ته اڄ اسان کي وڏن جي سنت ڪرڻي آهي يعني اڄ اسان کي فاقو ڪڍڻو آهي.

ڊاڪٽر صاحب جن جي والده (وفات جولاءِ 1987ع) ٻڌائيندي هئي ته جڏهن وڏل شاھ ڄائو ته گهر ۾ ان ڪڻا به ڪونه هئا ۽ نه وري ٻار جي دُڪي لاءِ مکڻ ڦُٽي هئي. سُئانجي لاءِ رکيل گھه جو ذرو به هارجي ويو ان تي وڏل شاھ جي چاچي خان شاھ چيو ته اڄ اسان جي غربت ڇيھه تي وڃي پهتي، هاڻ ڏينهن ورندا، ٿيو به ائين، حالتن ۾ آهسته آهسته بهتري اچڻ شروع ٿي وئي.

ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ اڃا پنجن سالن کن جو هوندو جو 1939ع ۾ سندن والد وفات ڪري ويو گهر ۾ وڏو پٽ ٻار ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ هو جنهن جي ان وقت عمر 15 سال کن هوندي. ٻن وڏن ڀائرن ۽ درويش سئوٽ سيد ٻُڍل شاھ گڏجي پورهيا ڪيا، ٻنيون ڪيون، نار چاڙهي آبادي ڪئي، ڏاڪ ڪئي، پلڙا روڙيا، ماکيون لاٿيون. ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادن بخش شاھ ٻين پورهين سان گڏ اُٺ پڻ لڏيا. 1945ع ڌاري ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ جو -/565 رپين ۾ ورتل اُٺ اوچتو بيمار ٿي پيو ان جي مُنڍي کيس ڪرنگهي ۾ لڳي وئي هڏيون ٿوريون کسڪي ويون پاڻ کٽ تي پئجي ويو.

ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ يادگيرن جي نوٽ بڪ ۾ لکي ٿو ته بابا جي وفات بعد پنهنجو هلٽَ به ڪونه هو پٽ سٽ جي ڏاندن تي نار چاڙهي ٻني پوکيسون. نار پوک لاءِ چوندا آهن ته شينهن کي ڪن کان جلهڻ برابر آهي پر اسان ٻارن ان شينهن کي ٻلي سمجهي ڪن کان جلهيو هو ڪنهن جي به مدد ڪانه ورتي سون. ماڻهو هلي اچي ڏسندا هئا ته هي ٻار ڪيئن ٿا پوک پچائين. ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته اسان وٽ ڳوٺ هوت سيال جي سيالن کان ورتل هڪڙي ڍڳي هوندي هئي جنهن کي گُنديل سڏيندا هئاسين ڇاڪاڻ ته پيٽ وڏو هئس، ننڍڙو وڏل شاھ اها ڍڳي چاريندو هو ۽ ان جو گاھ پَٺو به ڪندو هو ننڍو هو پر سگهو هو انڪري ڍڳي خوب تاتي هئائين. چاچا خان شاھ کي خدا ڪارڻ ٻڪريون مليون جنهن مان هڪڙي ميرل شاھ کي ڏنائين ان ٻڪري کي اسين ڪِڪي سڏيندا هئاسين جنهن مان ڏهاڪو کن ٻڪرين جو ولرڙو هو جيڪو وري وڏل شاھ کان وڏو ڀاءُ سيد ميرل شاھ چاريندو هو.

1935ع ۾ فائينل پاس ڪري ويٺل ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ کي 1945ع ۾ ڳوٺ باگو رند تعلقو هالا ۾ پرائمري استاد طور آرڊر مليو جيڪو سندس سئوٽ امام علي شاھ آڻي ڏنو. اُٺ جي مُنڍي لڳڻ ڪري کٽ تي پئجي ويل ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لٺ جي ٽيڪ تي ڳوٺ کان ميل سوا پنڌ تي باگي رند ۾ وڃي پڙهائڻ شروع ڪيو. سال 1946ع ۾ سيد قادن شاھ ڇڏيل پڙهائي وري شروع ڪئي، 1947ع ۾ فائينل پاس ڪيائين حيدرآباد ضلع ۾ 18 نمبر آيو. سال 1948ع ۾ سيد قادن شاھ کي ڳوٺ واليڏنو ڏيپر ۾ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ڪري مقرر ڪيو ويوهيءَ سندس پهرين تقرري هئي. ٻنهي وڏن ڀائرن گڏجي خاندان کي سهارو ڏنو ۽ خاندان جا ڏينهن بهتري طرف ڦرڻ شروع ٿيا.


No comments:

Post a Comment