Friday, April 6, 2012

College Education - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد (D.G college ) وارو زمانوـ
سال 56-1957ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ داخل ٿيوان وقت به ڪٽنب جي مالي حالت ايتري پاڻ ڀري ڪانه بلڪه قياس جهڙي هئي سندس ٻه وڏا ڀائر ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادر بخش شاھ (سيد قادن شاھ) پرائمري استاد هئا، سيد ميرل شاھ مئٽرڪ پاس ڪري وڃي هاءِ اسڪول ٽيچر ٿيو، انهن ڏينهن ۾ استادن جو پگهار سوتو پوتو هو تنهن ڪري ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي وڏن ڀائرن جي دوست مولوي محمّد سلطان ڪوريجي وٽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي هاسٽل نمبر هڪ ۾ رهايو ويو. مولوي صاحب ڪاليج ۾ فقه جو استاد ۽ مسجد جو پيش امام هو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ مولوي صاحب گڏ رهندا هئا. استادن جي هاسٽل جي ميس جي ماني مڙئي گذاري جهڙي ٿيندي هئي، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ان تي گذارو ڪري روزانو اوٽ موٽ اٽڪل 04 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ڪاليج ويندو هو.اهڙين حالتن ۾ پڙهائي ۾ ڪجھ رخنو پيو انڪري ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انٽر سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪئي تڏهن به سائنس ۽ رياضي ۾ امتيازي نمبرن سان پاس ٿيو اهو سال 1958ع هو.

No comments:

Post a Comment