Thursday, April 12, 2012

Some views of family, friends and students


ٻالجتيءَ کان آخري دم تائين سڀني جو وڏل شاھ ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏي چاچي سيد بچل شاھ جون ٽي شاديون هيون پهرئين نڪاح مان سيد بقادار شاھ ٿيو جواني کي رسيو شادي ڪيائين. علاج خاطر سير ڇوڙايائين رت گهڻو وهي ويو ان مان خرابي پيدا ٿي ۽ اٽڪل 21 سالن جي عمر ۾ 1927ع يا 1928ع ڌاري وفات ڪري ويو. سيد بچل شاھ کي ٻئي نڪاح مان هڪ نياڻي ۽ ٽئي نڪاح مان هڪڙو پٽ ٻڍل شاھ ٿيو جنهن وڏي ڄمار ماڻي جنوري 2004ع ۾لاولد فوت ٿي ويو.

سيد بچل شاھ جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ سيد ڏتل شاھ جي نرينو اولاد ۾ سڀ کان ننڍو پٽ سيد وڏل شاھ ٿيو جنهن تي ٻانگ جو نالو سيد بقادار شاھ رکيو ويو. وڏي عمر جا ڳوٺاڻا بادل ملاح ۽ ٻيا کيس آخر تائين به مير بقادار شاھ سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته وڏي چاچي جي وڏي پٽ جو نالو هو انڪري گهر ۾ به وڏل شاھ سڏيو ويو ۽ اسڪول جي داخلا وقت به نالو وڏل شاھ لکيو ويو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڄمندي ڄام هو سندن والده (وفات 1987ع) ٻڌائيندي هئي ته منهنجو ننڍڙو ننڊ مان ڪڏهن به روئي ڪونه اٿيو هميشه يا ته کلي اٿندو هو يا امان ڪري اٿندو هو. سمجھ ڀريو ٿيو ته مونکان مولود چورائيندو هو، ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ ڳالهين مان ڪَڪِ ئي ڪين ٿيندو هو. ڏاڍو آلو ڀولو ٻار هو، عجب جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو انڪري کيس پيار مان ‘‘بودو’’ سڏيندي هئس.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏي ڀيڻ (وفات 2004ع) ٻڌائيندي هئي وڏل شاھ جون ننڍڙي هوندي ڏاڍيون وڻندڙ حرڪتون هونديون هيون. سندس زبان مان نڪتل لفظ وهي ويندا هئا انڪري ڳوٺاڻا سندس ان قوت کان ڊڄندا به هئا ۽ کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. هڪڙي ڀيري ڳوٺ جي وريند نالي هڪڙي گهورڙئي واڻئي کان شئي گهريائين جنهن کيس شئي ڪانه ڏني يا وري ٿوري ڏني وڏل شاھ کيس چيو ته وڃ ته حاجاڻا مُٽنئي. ڪجھ وقت کان پوءِ مائي ڌاڻو حاجاڻي آئي ان کان پڇيائين ته اي ڌاڻو وريند کي اوهان جي حاجاڻن مُٽيو؟ ڇاڪاڻ ته وڏل شاھ ٻاتو هو انڪري مائي سندس ڳالھ ڪانه سمجهي سگهي جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته کل ۾ ويڙهجي وئي ۽ وراڻيائين ته حاجاڻن ڪونه باقي سندس گهوڙي هٿ ۾ چڪ هينس ۽ سڄو هٿ کڻي وات ۾ وڌائين. وريند چوندو هو ته ننڍڙي شاھ جي ڳالھ وڙهي آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي ٻيو نمبر وڏي ڀيڻ جيڪا 85 سالن کن جي آهي ۽ حال حيات آهي (2011ع) تنهن ٻڌايو ته مُهاڻو گهوڙي تي مڇي کڻي اچي حويلين جي لوڙهي وٽان مٽيو ڏاڏيءَ چيس ته وڏل شاھ مهاڻي کي پوئتي موٽاءِ ته مڇي وٺون.  ننڍڙي وڏل شاھ ميربحر کي سڏ ڪيا پر هن موٽڻ جي ڪانه ڪئي جنهن تي وڏل شاھ اتان ئي رڙ ڪري چيو ته ڏاڏي هي مڇلو مڇي ڪونه ٿو ڏي. مهاڻو پوئتي وريو ۽ چڱي موچاري ڪُرڙي مفت ۾ ڏئي هليو ويو وڏل شاھ کڻي آڻي ماءُ کي ڏني. ڊاڪٽر صاحب جي ڀيڻ وڌيڪ ٻڌايو ته بابا پورهيت هو هارپو ڪندو هو ٿورڙو مال رزق به هو ان جي گاھ پَٺي ۽ ڪم ڪار لاءِ وڏل شاھ گڏهڙو ڌاريو جيڪو مري ويو پوءِ ڪٿان لاھ گهلي آڻي هيٺال ۾ مال جي وٿاڻ ۾ ڇڏيائين امان پڇيس ته هي ڇو کڻي آندو اٿئي وراڻيائين منهنجو گڏهڙو آهي پوءِ ان ته لانگ ورائي هڪليندو هو.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي خاندان ۾ جيڪو ماحول مليو ان سندس شخصيت تي ٻالجتي کان ئي تمام گهرا نقش ڇڏيا جيڪي آخر تائين قائم رهيا. ڊاڪٽر صاحب جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ خاندان جي ماحول بابت لکي ٿو ته سيدن جو هي خاندان سنڌ ۾ نهايت دير سان آيو هو ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ هنڌ ويهي نه سگهيا هئا، انڪري پيري مريدي، زمينداري ۽ اجائي وڏ ماڻهپائي جهڙن ٺڪرن کان آزاد رهيا. پورهيا ڪيائون پر ٻين جو رت پي نڪي پاڻ پليا نڪي پنهنجا ٻچا پاليائون. مونکي خوشي آهي ته اسان جي موجوده خواھ اڳئين ڪٽنب ۾ حرام جو رت ۽ گوشت ڪنهن جي به جسم ۾ ڪونه آهي. پاڻ وڌيڪ لکن ٿا ته اسان جي ننڍي پڦي آخوند حافظ محمّد بقا قريشي صديقي وٽ قرآن مجيد ناظره پڙهيو ۽ ابولحسن جي سنڌي پڻ پڙهيائين، اهو هو پاڪ علم جو پهريون داڻو هو جيڪو ورثي ۾ آيو. حضرت پڦي وٽ اسان جي والده پڙهي، جنهن قرآني مڪتب کوليو ٻارڙا لِله پڙهندا هئا. ڇوڪرين لاءِ روزه، نماز، رڌپچاءَ، ڀرت، رلِي، ٽوپي، گهرن جي صفائي، ٻار نپائڻ ۽ ستي ڦڪيءَ جي عملي تعليم هوندي هئي. رمضان شريف ۾ ڇوڪرين کي سڄو مهينو روزا رکائڻ ۾ ايندا هئا تراويح پڙهائي ويندي هئي، درود شريف جا لک ۽ قرآن مجيد جا سوين ختم ٿي چڪا هوندا. بيمار ٻارن ۽ زالن کي ستي ڦڪي مفت ۾ ملندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هفتن جا هفتا اهي رهيل هوندا هئا. اهڙين ڳالهين تي ڳالهائيندي سيد وڏل شاھ جي والده چوندي هئي ته اسان پنبڻين سان ماڻهو ميڙي راڄ ٻڌو.

سيد وڏل شاھ تي خانداني ماحول جو اثر ٻالجتي کان ئي ظاهر هو پاڻ ننڍڙي عمر کان روزي نماز جو پاپند قبر پوڄا کان پري ڏاڍو بي ڊپو ۽ موحد انسان هو. سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته گرمي جي موڪلن ۾ وڏل شاھ مون وٽ سڪرنڊ اچي رهندو هو ۽ فارسي پڙهندو هو. انهن ڏينهن ۾ ملان عيسيٰ نالي ڪيرئو ڳوٺ تِلي لڳ سڪرنڊ ۾ رهندو هو ڏاڍو نيڪ مرد هو اسان جي خاندان جي انهن سان دوستي هئي انڪري وڏل شاھ کي ڏاڍو ڀائيندو هو. ملان عيسيٰ ڏور بيت ڄاڻندو هو ۽ سڄيون سڄيون راتيون ڏورن ۽ بيتن ۾ گذري وينديون هيون وڏل شاھ سڄيون راتيون جاڳي، ڪن لايو ويٺو ٻڌندو هو. ملان عيسيٰ جو ڀاڻيجو حاجي غازي ڪيرئي جو لاڙو وري عبادتن، ذڪر فڪر ۽ مجلسن ڏانهن هوندو هو. جتي تر ۾ ڪا ديني مجلس هوندي هئي اتي وڏل شاھ مون سان (ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ) سان گڏجي وڃي شريڪ ٿيندو هو ۽ سڄيون راتيون عبادت ۽ ذڪر فڪر جي مجلس ۾ گذري وينديون هيون اهي مجلسون هميشه حاجي غازي خان ڪيريو ڪرائيندو هو.

ڊاڪٽر سيد صالح محمّد شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته سيد وڏل شاھ جڏهن مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ پڙهندو هو ته ننڍا وڏا شاگرد کيس مرشد ڪري سڏيندا هئا اهو ڪوڙو اعزار ڪونه هو پر هن جون جيڪي صفتون هيون، انهي ڪري نه فقط شاگرد پر سندس استاد، هيڊ ماستر سندس فقيرانه طبعيت جا گرويده هوندا هئا. گهڻن ماڻهن کي گمان ڇا پڪ هوندي هئي ته وڏل شاھ صاحب  ڪرامت آهي.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته وڏل شاھ کي جيئن ئي ڏاڙهي آئي ته ان تي پاڪي ڪانه ڦيرايائين جَوَ جيتري ڏاڙهي سدائين رکيل هئي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ ٻيا شاگرد بلاڪن ۾ رهيل هئا پوءِ کين منتقل ڪري شاھ لطيف هاسٽل ۾ رکيو ويو اتي هاسٽل جي وڏي هال کي مسجد اچي بنايائين نماز پاڻ پڙهائيندو هو جمع جو خطبو به پاڻ ئي ڏيندو هو. هاسٽل جو ماحول ئي بدلجي ويو ان وقت هونئن به حالتون سٺيون هيون شاگرد ڪمرا بند ڪئي بغير ڪلاسن ۾ هليا ويندا هئا چوري چڪاري ۽ داداگيري جو ڊپ ڪونه هوندو هو.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو ماروٽ سيد شير شاھ (نومبر 2011ع) ورجايل يادگيرين ۾ ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب نهايت پرهيزگار، روزي نماز جو پابند ۽ تهجد گذار ماڻهو هو. زماني گيري کان صفا پري هو سندس طبعيت ۾ ايتري سادگي هئي جو اسان زماني جي ماڻهن کي حيرانگي ٿيندي هئي سندس سڄي عمر پاڪيزگي سان گذري. اهڙن ساڳين خيالن جو اظهار پروفيسر ڊاڪٽر دادو خان بڙدي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شاھ نواز عارباڻي جن پڻ ڪيو ڊاڪٽر بڙدي سندن شاگرد هو ۽ ڊاڪٽر عارباڻي صاحب هڪ سال سينيئر ۽ تمام ويجهو دوست هو هي ٻئي محترم ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي اوصاف حميده تي ڳالهائيندي روئي ويٺا ڊاڪٽر بڙدي اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته سائين وڏل شاھ هڪڙوئي هو سندس وڃڻ بعد اسين شاگرد يتيم ۽ بي سهارا بنجي وياسين ۽ نيچرل پراڊڪٽ جو شعبو نڌڻڪو ٿي نيٺ اجڙي ويو. ٻنهي معزز پروفيسر صاحبان جي راءِ هئي ته (2011ع ۾ ڪيل انٽرويو) اسان سائين وڏل شاھ جي شخصيت ۾ ڪوبه جهول ڪونه ڏٺو، پاڻ انتهائي ايماندار، صاحب ڪردار، سخي ۽ مسڪينن جو تمام دليرمددگار هو. پروفيسر ڊاڪٽر ميڊم گلشن سهتو جون (2011ع) انٽرويو دوران اکيون آليون ٿي پئي ويون سندس زبان مان هر وقت ‘اسان جو سائين’ يا ‘سائين’ لفظ ٻڌڻ ۾ آيو. محترمه اڄ به ايتري عقيدت ۽ احترام سان پئي ڳالهايو ڄڻ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هي سڀ ڪجھ ٻڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه باربار چوندي رهي ته اسان نياڻين جو سهارو ۽ ڀر جهلو هو مجال آهي جو ڪا ميري اک اسان ڏانهن کڄي. پروفسير گلشن صاحبه ٻڌايو ته ڪنهن صاحب گدلي نيت سان سڏايو مون سائين وڏل شاھ سان ذڪر ڪيو پاڻ چيائين ته تون بي فڪر ٿي اوڏانهن هل آئون تنهنجي پاڇي وانگر آهيان. ڊاڪٽر صاحب ان ماڻهو جي مونسان گفتگو ٻڌي پوءِ ان سان جوڳي جٺ ڪئي. اهڙي جٺ  جي بدلي ۾ ان صاحب اختيار مونکان استعفيٰ لکارائي ورتي ۽ ليڪچرارشپ داءِ تي لڳارا ئي ڇڏي آئون روئندي رهيس. ڇهن مهينن بعد سائين نه صرف مونکي بحال ڪرايو پر نوڪري وارو خال به رهڻ ڪونه ڏنو. اسين ڇوڪريون سائين لاءِ بلڪل به سڳين نياڻين جهڙيون هيونسين. منهنجو ليڪررشپ جو آرڊر ڪونه پئي نڪتو سائين کي ٻڌايو وراڻيائين پُٽ فڪر نه ڪر آرڊر نڪري ويندو. چند ڏينهن کانپوءِ مونکي گهرائي چيائين آرڊر ٿيو پيو آهي کڻي اچ ۽ ڊيوٽي سان وڃي لڳ. مونکي اعتبار ڪونه پيو اچي چيم سر ڀوڳ نه ڪريو مان ڏاڍي ڪمزور ڇوڪري آهيان هنيانءَ ڦاٽي پوندو. مان پنهنجي حال تي کلان پئي سر چيو پٽ آرڊر نڪتو پيو آهي کڻي اچ مان آرڊر کڻي وڃي ڊيوٽي رپورٽ ڏني. ايڏي خوشي ٿي جنهن جو بيان نه ٿي ڪري سگهان.

ليباريٽري ۾ ڪم ڪندي دير ٿي ويندي هئي آئون ۽ زاهده شام جو پيدل موٽندا هئاسين سر ليباريٽري بند ڪري گهر لاءِ واپس ٿيندو هو اسان کي اڪثر گاڏي ۾ ويهاري گهر وٺي ايندو هو. سائين جي گهرواري منهنجي ڪاليج ليول تي استاد رهي هئي سائين جي امڙ به ساڻس گڏ رهندي هئي. گهر اچي چوندو هو ته ڇوريون بک مري وينديون کين ماني کارائي پوءِ روانو ڪريو ڇوڪرين جو محافظ هو هاڻي اهڙو ڪوبه استاد ڪونهي اسين به اهڙا استاد ڪونه آهيون نه وري اهي شاگرد آهن. اڄ به ڊاڪٽر عارباڻي ايندو آهي ته مان ڏڪندي آهيان حالانڪه مان پاڻ هنيئر پروفيسر ۽ پنهنجي شعبي جي سربراھ آهيان. مونکي اولاد ۾ هڪڙي نياڻي آهي. هائوس جاب پئي ڪري چوندي آهي ته استادن جون اکيون ڏس پوڙهو واڻيو آهي مون تي ڦڙڪيون ٿو هڻي. اڄ جو ٻار بانحي تڏهن ٿيو آهي جو استادن مان اها ڳالھ نڪري وئي آهي. سائين وڏل شاھ جي وفات جي خبر پئي ته آئون ۽ زاهده ڇتيون ٿي پيونسين بي تحاشا روئندي ۽ چرين وانگر دانهون ڪندي ڏسي ٻين ڇوڪرين چيو ته توهان کي ڇا ٿي ويو آهي هڪڙو استاد فوت ٿيو آهي هنن کي ڪهڙي خبر ته اسان جو مائٽ، استاد ۽ محافظ اسان کي يتيم ڪري هليو ويو. ڳالھ ٻولھ دوران پروفيسر صاحبه ڪيترائي ڀيرا روئي ويٺي.       

No comments:

Post a Comment