Tuesday, April 3, 2012

Glimpse of Family History - With courtesy of Prof Syed Attaullah Bukhari, Sindh Agriculture University Tando Jam


بخاري حسيني ساداتن جي سلسلي مان نقوي سيد آهن. امام علي نقيءَ جي اولاد ۾ ڏهين پيڙهيءَ ۾ سيد جلال الدين حسين شريف الله الملقب شير شاھ سرخ  بخاري سن 640 ھ ۾ بخارا کان سنڌ ۾ آيو ۽  بکر ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. سندس اولاد مان ٻه فرزند پڻ بخارا کان سنڌ ۾ آيا پر واپس هليا ويا. سيد جلال سان گڏ آيل ڀاءُ سيد جمال شاھ پشين بلوچستان ۾ وڃي سَڪونت اختيار ڪئي، سندس اولاد اتي وڏي حيثيت وارو آهي. سيد جلال الدين بکر جي هڪڙي وڏي امير سيد بدرالدين جي نياڻي سان نڪاح ڪيو، ان بيبيءَ جي بطن مان پنج پٽ ٿيا جن مان سيد احمّد ڪبير کي ٻه فرزند سيد جلال الدين شاھ (ثاني) المعروف جهانيان جهان گشت ۽ سيد صدرالدين راجو قتال پيدا ٿيا، سيد صدرالدين جي مزار دهليءَ ۾ آهي ۽ جهانيان جهان گشت اُچ شريف ۾ پنهنجي ڏاڏي سيد جلال الدين جي ڀَرو دفن ٿيل آهي.

سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت کي ٽن فرزندن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو جن مان سيد ناصر الدين لاءِ خزينته الا صغياء جو مصنف لکي ٿو ته شريعت، طريقت، حقيقت، شرافت ۽ نجابت، ڪرامت ۽ ولايت ۾ وڏو رُتبو رکندڙ هو. والد جي هٿ بعيت هو، کيس خرقعه خلافت مليل هو ۽ ذڪر فڪر ڏيڻ جي اجازت مليل هئي. سيد ناصرالدين شاھ (1341ع- 1398ع) وڏو صاحب اولاد هو، سندس فرزندن مان سيد ايوب شاھ (جيڪو ڪچيءَ جو شينهن سڏبو آهي) پنهنجي ماسات سيد ڇُٽل شاھ سان ملڻ ڪڇيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. سيد ايوب شاھ، سمن جي دور حڪومت ۾ ڀاڳناڙيءَ ۾ آيو ان وقت هي علائقو سنڌ جو حصو هو، هاڻي بلوچستان ۾ آهي. پاڻ اندازاَ 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون، گنداوا جي علائقي ۾ سندن درگاھ رجوعات جو مرڪز آهي.

حضرت سيد ايوب شاھ جي پيڙهيءَ مان چار گهر سيد خير شاھ ۽ سندس ڀاءُ سيد فاضِل شاھ ۽ سئوٽ سيد گُل شاھ ۽ سيد بچل شاھ قلندر جي درگاھ تي حاضري ڀرائڻ آيا پٺيان سندن ئي عزيزن هنن جي گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. هي چارئي ڪٽنب اباڻا گهر گهاٽ ڇڏي حيدرآباد سنڌ ۾ ڪانگن کاڌي واري علائقي ۾ اچي رهيا.سيد بچل شاھ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي سندن  مزار آفندي ٽائون جي ويجهو بچل شاھ بخاري قبرستان ۾ آهي جيڪو سندن نالي سان شاھ بخاري قبرستان سڏجي ٿو. ( هن وقت ٽنڊو طيب وارو قبرستان سڏجي ٿو.

سيد بچل شاھ ۽ سندس عزيزن جي سنڌ ۾ اچڻ جو زمانو غالبَا ڪلهوڙن وارو دور وڃي بيهندو. سيد بچل شاھ جو فرزند سيد  محمّد شاھ شايد ڪلهوڙن ۽ ٽالپر اميرن جي لڙاين يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري حيدرآباد مان لڏي ڳوٺ اڇي مسجد وارا راهو (تعلقو هالا) ڳوٺ ڇِلي وارا اُنڙ (تعلقو شهدادپور) ڳوٺ بچل ڪاڪو عرف ٻُوڪ ڪاڪا، ڳوٺ گولو جکرو ۽ آخر ۾ ڳوٺ امين لاکو تعلقو هالا ۾ پنهنجي اڳ ويٺل عزيزن سيد خير شاھ،  سيد فاضل شاھ ۽  سيد حسين شاھ جن جي ڀَرو اچي ويٺو. وڏن جي پنهنجي هٿن سان وڌل هڪڙي اوڏڪي ڀت واري جاءِ جون ڀتيون اڃان به موجود آهن (2011ع). سيد محمّد شاھ کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. سيد بچل شاھ، سيد سانول شاھ (شادي ڪانه ٿي هئي جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو) سيد خان محمّد شاھ ۽ سيد ڏتل شاھ، سڀ کان ننڍي پٽ سيد ڏتل شاھ جي اٽڪل روء چاليهن سالن جي عمر ۾ سيد شيرشاھ جي نياڻي سيده هاجره شاھ سان شادي ٿي جنهن مان اَٺن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو. سيد محمّد شاھ اول، سيد محمّد شاھ ٻيو، سيد علي محمّد شاھ، ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ، سيد مسڪين شاھ، سيد قادر بخش شاھ عرف سيد قادن شاھ، سيد محمّد شاھ عرف سيد ميرل شاھ، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ عرف بقادار شاھ. جن مان پهريان ٽي پٽ ۽ پنجون نمبر پٽ فوت ٿي ويا. باقي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هن وقت به ڳوٺ امين لاکي ۾ رهي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان ننڍو هو کائنس صرف هڪڙي ڀيڻ ننڍي هئي جيڪا اڃان به حال حيات آهي. سندس ڀائرن مان هڪڙو ڀاءُ سيد ميرل شاھ هن وقت لڳ ڀڳ 75 سالن جي ڄمار جو آهي.

No comments:

Post a Comment