Friday, April 6, 2012

Admission in MBBS - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


لياقت ميڊيڪل ڪاليج وارو زمانوـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انٽر بائلاجي ۾ ڪئي هئي سال 58-1959ع ۾ کيس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ملي. ننڍي عمر ۾ کيس مُدي جو بخار ٿي پيوهو انڪري ٻڌڻ جي قوت متاثر ٿي هئي هڪڙي ڪن کا گهٽ ٻڌي سگهندو هو. ميڊيڪل جي پڙهائي دوران پاڻ هڪڙو سائونڊر استعمال ڪندو هو. اهو سائونڊر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي، پنهنجي مربي  ۽ استاد مولوي عبدالله ولد نهال خان لغاري سانگهڙ واري لاءِ آندو هو. مولوي صاحب جي وفات بعد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ اهو سائونڊر، ڊاڪٽر هاليپوٽي کان خريد ڪيو هو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سال جي شروعات ۾ ئي ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ نئين سيدآباد واري کان ڪتابن جو سيٽ اڌارو ورتو ۽ هزار روپيه کن ڀري جرنل وغيره به ورتا هئا. پڙهائي جي ڇهن مهينن اندرڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ پيش ٿيو ان وقت ڪاليج جو منتظم ڪرنل نجيب هو، نوجوان شاگرد کي ڪن ۾ سائونڊر لڳل ڏسي داخلا رد ڪري ڇڏي حالانڪه ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي پڙهائي جي رپورٽ ڏسڻ بعد ڪرنل حيران رهجي ويو هو پر پوءِ به ان بنياد تي داخلا رد ڪيائين ته گهٽ ٻڌڻ واروماڻهو ڊاڪٽر ڪئين ٿيندو.

      داخلا رد ٿيڻ تي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي تمام وڏو جهٽڪو لڳو ۽ پنهنجي آ ئيندي کان ڪي قدر مايوس ٿي ويو. پنهنجي وڏن ڀائرن سان ڏک اوريائين جن همٿ ٻڌائيندي کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لا تيار ڪيو ۽ چيو ته ماڻهن جو علاج ڪرڻ وارو نه سهي الله چاهيو ته تون علم جو ڊاڪٽر ٿيندين ۽ دنيا ڏسندي. ڇاڪاڻ ته هي سال جو وچ هو انهيءَ ڪري کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي نٿي سگهي، تنهن ڪري وقت ڪاٽڻ لاءِ ڏيپرن ۾ مولوي شفيع محمّد جي قائم ڪيل هاءِ اسڪول ۾ سائنس پڙهائڻ شروع ڪيائين. مولوي مرحوم ئي کيس اهڙو مشورو ڏنو هو ۽ چيو هو ته جڏهن سال پورو ٿئي تڏهن وڃي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجان.


No comments:

Post a Comment