پاڪستان سائنس
فائونڊيشن
ڊاڪٽر
سيد وڏل شاھ
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي جنهن نموني
نظرانداز ڪيو ويو هو، سا هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت آهي. اِن ڳالهه کان ڪير به انڪار نٿو
ڪري سگهي ته سائنس جي ترقي ۽ ملڪي ترقي ٻئي لازم ملزوم شيون آهن ۽ ڪوبه ملڪ جيڪڏهن
سائنس جي ترقيءَ کان غافل رهيو ته اهو ڪڏهن به سڌري نه سگهندو. اهو تجربو پاڪستان
کي اڳيئي ٿي چڪو آهي. پنهنجي غلفت جي ڪري اسين ترقيءَ جي بجاءِ سڌريل قومن کان گهڻو
پوئتي پيل آهيون ۽ زندگيءَ جي هر سهولت لاءِ سندن محتاج آهيون. اسين اهو ڏسي رهيا
آهيون ته جيڪي قومون سائنسي علم ۽ فني معلومات بهتر طور استعمال ڪري سگهيون ٿي،
اهي ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهيون آهن ۽ اسين انهن جي مقابلي ۾ ڪمزور ۽ غريب
آهيون.
جنهن ملڪ ۾ ورهين جا ورهيه سائنس بي توجهيءَ جو شڪار ٿيل هجي،
اتي چند سائنسدانن جون ڪوششون ڪامياب نٿيون وڃي سگهن. نتيجي ۾ انهن سائنسدانن جو
مايوس هئڻ لازمي آهي. سائنسي برادري هر وقت اها تقاظا ڪندي رهي آهي ته ملڪ ۾
سائنسي سرگرمين کي يڪجاءِ ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کنيو وڃي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته
پاڪستان ۾ اهڙي مستحڪم سائنسي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، جيڪا هن اهم شعبي ۾ قومي
منصوبن ۽ پروگرامن سان هم آهنگي رکندڙ هجي.
جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي دانشمندانه قيادت ۾ عوامي حڪومت جي
اقتدار ۾ اچڻ سان نين اميدن ۽ امنگن جو دور شروع ٿيو. پاڪستان کي هڪ جديد ۽ ترقي
يافته ملڪ بنائڻ جي تمنا رکڻ واري رهنما اهو محسوس ڪيو ته جيستائين اسين سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ تي پورو توجه نه ڏينداسون، تيستائين قومن جي برادريءَ ۾ پروقار مقام
حاصل ڪري ڪونه سگهنداسون. ان ڪري ڀٽي صاحب صدارت سنڀالڻ کان يڪدم پوءِ ڪمال تدبر ۽
دور انديشيءَ کان ڪم وٺندي، سن 1971ع جي سانحه جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل حالتن جي
باوجود، ملتان ۾ سائنسدانن جو اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ هن وفاقي حڪومت جي تحت سائنس
ائنڊ ٽيڪنالاجيءَ جي هڪ علحدي وزارت جي قيام جو اعلان ڪيو. تقريباَ سڀئي تحقيقي
ڪائونسلون ۽ وفاقي حڪومت جا متعدد سائنسي کاتا نئين وزارت هيٺ آندا ويا.
ان کانپوءِ هڪ اهم قدم اهو به کنيو ويو ته ملڪ ۾ سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري لاءِ، وفاقي حڪومت جي بنيادي اداري جي طور تي پاڪستان سائنس
فائونڊيشن قائم ڪيو ويو اهڙي طرح فائونڊيشن جي قيام سان سائنسدانن جو اهو خواب
پورو ٿيو، جيڪو هو ورهين کان ڏسي رهيا هئا. پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي قيام جو
مقصد اهو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ضرورتن متعلق سرگرمين کي فروغ ڏنو وڃي ۽
انهن لاءِ سرمايو فراهم ڪيو وڃي. سائنس فائونڊيشن کي پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ هن
وقت تائين جيڪا ڪاميابي ٿي آهي، ان جو مختصر جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
سائنسدانن ۽ ريسرچ اسڪالرن کي سائنس جي ترقيءَ متعلق تازه
ترين معلومات ۽ انگ اکر پهچائڻ لاءِ فائونڊيشن پاڪستان جي سائنسي و فني معلومات جو
مرڪز (پاسٽڪ) قائم ڪرڻ جي اسڪيم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هن اسڪيم تي اندازاَ
هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا. هن اسڪيم مطابق اسلام آباد ۾ هڪ نئشنل سينٽر ۽ چئني صوبن
جي گادين، ڪراچيءَ، لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ چار صوبائي مرڪز قائم ڪيا ويندا، جيڪي
هيٺ ڏنل سهولتون فراهم ڪندا.
1.قومي
سائنس جي حوالن جي لائبرري.
2.دستاويزي
سروسز
3. سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ جون انفارميشن ٽرانسفر سروسز ۽ سائنسي انگ اکر گڏ ڪرڻ.
هنن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن انفارميشن سائنس سان واسطو رکندڙ
عملي جي ويهن رڪنن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تربيت لاءِ موڪليو ويو آهي. موزون صلاحڪارن
جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون ۽ اقوام متحده ۽ بين الااقوامي انفارميشن سروسز
مثلاَ يونيسنسيٽ ۽ ايگرس وغيره سان رابطو قائم ٿي رهيو آهي. هنن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن انفارميشن سائنس سان واسطو رکندڙ
عملي جي ويهن رڪنن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تربيت لاءِ موڪليو ويو آهي. موزون صلاحڪارن
جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون ۽ اقوام متحده ۽ بين الااقوامي انفارميشن سروسز
مثلاَ يونيسنسيٽ ۽ ايگرس وغيره سان رابطو قائم ٿي رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي بين الااقوامي ادارن سان
ڳالهه ٻولهه ۾ خاطر خواه ڪاميابي حاصل ٿي آهي. ان کانسواءِ ڪراچيءِ جي پئٽينٽ ۽
ڊزائين آفيس ۾ پيل تقريباَ ويهه لکن ڊزائين اسپيسيفڪيشن کي فائونڊيشن پنهنجي تحويل
۾ ورتو آهي ۽ انهن جي درجي بنديءَ لاءِ خصوصي مهارت رکندڙ عملي کي ڀرتي ڪيو ويو
آهي.
فائونڊيشن پنهنجي قيام کان هڪدم پوءِ تحقيق
لاءِ جيڪي انفرادي تجويزون طلب ڪيون هيون، تن جي جواب ۾ ان کي ملڪ جي مختلف سائنسي
ادارن طرفان تريباَ 208 رٿائون وصول ٿيون آهن، جن تي ڏھ ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. انهن
مان 49 اهڙن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪي ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشرتي ضرورتن سان
سڌو سنئون تعلق رکن ٿا انهن تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا. في الحال فائونڊيشن جون
مختلف ڪميٽيون وڌيڪ ستر (70) منصوبن جو جائزو وٺي رهيون آهن.
بلوچستان ۾ ليٽرائيٽ جا ذخيرا آهن، جن ۾ ٽائٽينيم،
اليومينيم، ۽ لوھ جا مرڪب ملن ٿا. في الحال انهن شين جي ضرورت پوريءَ ڪرڻ لاءِ هي
مرڪب ٻاهران گهرايا وڃن ٿا ۽ انهن تي تمام گهڻي مقدار ۾ پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو.
هي مرڪب پالش ۽ پئنٽ تيار ڪرڻ واري صنعت ۾ ڪم اچن ٿا. فائونڊيشن نيم پائلٽ پلانٽ
اسڪيل تي پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ ائنڊ انڊسٽريل ريسرچ سان هڪ گڏيل تحقيقي
منصوبو تيار ڪيو آهي ته جيئن هڪ فارمولا تيار ڪئي وڃي، جيڪا اقتصادي طور تي عمل
جوڳي هجي ۽ ان تي لاڳت به گهٽ اچي. ليٽرائيٽ جا ذخيرا ٻين اقتصادي مقصدن لاءِ به
ڪم آندا پيا وڃن.
فائونڊيشن لائيو اسٽاڪ انڊسٽريءَ جي ترقيءَ
لاءِ ڪيترن ئي عوامل جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته لائيواسٽاڪ جي ترقيءَ
جي راھ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪچي چاري جي نايابي آهي، جيڪا پولٽريءَ جي کاڌي جو
لازمي جزو آهي. ان ڪري تحقيقات جي روشنيءَ ۽ انهيءَ جي نتيجن جي بنياد تي 50 لک ٽن
جوئر پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اها جوئر نور زمين ۾ پوکي ويندي.
ان سلسلي ۾ هن وقت تائين جيڪي نتيجا حاصل ٿيا آهن، سي ڪافي اميد افزا آهن. بهار جي
موسم دوران جوئر تي تجربا ڪيا ويا ۽ انهن جي نتيجن جي آڌار تي آبادگارن اهو خيال
ڏيکاريو آهي ته هن فصل جو ٻج ڪمند سان گڏ پوکي سگهجي ٿو، جنهن مان چڱي خاصي مقدار
۾ پيداوار حاصل ٿي سگهي ٿي.
چين رعيتي راڄ جي ڳوٺاڻن عالائقن مان حاصل
ٿيندڙ فني نتيجن کي مد نظر رکندي سنڌ، پنجاب ۽ سرحد جي ڪن ڳوٺن ۾ بايو گئس جي
ڪارخانن قائم ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪيلي جي ٿڙن مان ڪاغذ
جو گودو (Pulp)
تيار ڪرڻ واري اسڪيم تيار ڪئي ويئي آهي، جنهن لاءِ فائونڊيشن موڙي ڏئي رهيو آهي.
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽوٽ آف ڪيمسٽري سميت ٻين ٻن هنڌن تي ان اسڪيم جو جائزو ورتو
پيو وڃي.
غير روايتي ذريعن مان توانائي حاصل ڪرڻ جي
مقصد سان سائنس فائونڊيشن سج جي ڪرڻ مان حاصل ڪيل توانائيءَ کي ذخيري ڪرڻ جو جائزو
وٺي رهيو آهي. گهرن کي گرم ڪرڻ ۽ پمپن ذريعن پاڻي ڪڍڻ لاءِ مختلف قسم جي Gadgets جو مطالعو ڪيو پيو
وڃي. ان کانسواءِ سائنس فائونڊيشن هائڊرالڪ پاور پلانٽ تعمير ڪرڻ وارين اسڪيمن جي
به مدد ڪري رهيو آهي، جن جو مقصد آهي ته پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پاڻيءَ جي
آبشارن مان بجلي پيدا ڪئي وڃي.
فائونڊيشن سائنسدانن جو هڪ پول قائم ڪيو آهي،
جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ ذهين سائنسدان شامل آهن. ڪيترائي اهڙا به
اسڪالر آهن، جيڪي اڳي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، پر هاڻي پول ۾ ڪري رهيا آهن.
جيستائين هنن سائنسدانن کي مستقل طور تي سندن صلاحيتن مطابق واسطيدار شعبن ۾ رکيو
نه ويندو، تيستائين کين عارضي طور تي مختلف يونيورسٽين ۽ سائنسي ادارن سان لاڳو
ڪيو ويندو آهي.
فائونڊيشن مختلف ملڪن ۽ بين الااقوامي ايجنسين
سان تعلق رکندڙ فني ماهرن ۽ سائنسدانن کي وقت بوقت پاڪستان ۾ گهرائيندو رهيو آهي ۽
ملڪ ۾ ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن جو اهتمام ڪيو آهي. انهن اجلاسن ۾ سائنسدانن
جي تربيت، سائنسي اوزارن ۽ فائونڊيشن لاءِ مشاورتي خدمتن جي ضرورت تي بحث مباحثا
ڪيا ويا آهن. فائونڊيشن تقريباَ هڪ درجن پاڪستاني سائسدانن کي بين الاقوامي سائنس
ڪانفرنس ۽ مذاڪرن جي مجلسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلڻ جو اهتمام ڪيو
آهي، جنهن تي تقريباَ پوڻا ٻه لک رپيا خرچ آيو آهي.
عوامي حڪومت ملڪ جي اترين علائقن جي ترقيءَ ۾
جيڪا دلچسپي وٺي رهي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي سائنس فائونڊيشن انهن علائقن ۾ قومي
ترقياتي رضاڪار پروگرام تحت سائنسي مهم شروع ڪئي آهي. ان مهم ۾ مختلف يونيورسٽين
مان تقريباَ 80 هزار ماهرن ۽ اين-ڊي-وي-پي. جي 120 رضاڪارن حصو ورتو. هن مهم جو
اهو مقصد هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انهن علائقن ۾ ترقيءَ جي موقعن جي
نشاندهي ڪئي وڃي.
انهن ماهرن مختلف شعبن مثلاَ خوراڪ، زراعت،
چوپائي مال جي پالنا، ٻيلن، ماهي گيري،
معدنيات، صحت ۽ ارضيات وغيره ۾ تفصيلي سروي ڪئي آهي ۽ پنهنجون ابتدائي رپورٽون پيش
ڪري ڇڏيون آهن. انهن رپورٽن مان هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي ويندي. رپورٽ تيار ڪرڻ
کانپوءِ انهن علائقن جي ترقيءَ جي باري ۾ ملڪي معيشت جي رٿا بندي ڪرڻ وارن کي
تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون وينديون، جن جي روشنيءَ ۾ هو ايندڙ پنجسالي رٿا دوران
انهن علائقن جي ترقيءَ لاءِ اسڪيمون تيار ڪندا.
فائونڊيشن
جا آئنده پروگرام
مٿي
ڄاڻايل ڳالهين کانسواءِ پاڪستان سائنس فائونڊيشن ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سر گرمين کي
ترتيب ڏيئي رهيو آهي. هن پروگرام تحت سائنسي ۽ فني معلومات جي نظام کي بهتر بنايو
ويندو، بين الاقوامي معلومات جي سسٽم سان گهرو تعلق رکيو ويندو ۽ سائنسي معلومات
جا ذيلي ادارا قائم ڪيا ويندا. مختلف تحقيقاتي ادارن ۾ انگن اکرن گڏ ڪرڻ جون
سهولتون پيدا ڪيون وينديون، بين الااقوامي ادارن جي تعاون سان سائنسي تحقيقات جا
گڏيل پروگرام شروع ڪيا ويندا ۽ تربيت جي سهولتن ۾ واڌارو ڪيو ويندو. سائنسي اوزارن
۽ فني مشاورت جي سروس قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ ائپروپرئيٽ ٽيڪنالاجيءَ جو مرڪز
قائم ڪيو ويندو ۽ ترقي يافته ملڪن جي سائنسي ادارن ۽ سائنسي توڙي فني ماهرن سان
ادارتي سطح تي قائم ڪيو ويندو.
سائنس فائونڊيشن جي قيام سان سائنسي ترقيءَ
جي ڏس ۾ هاڻي ڇاڪاڻ ته هڪ خوشگوار ابتدا ٿي چڪي آهي، ان ڪري هاڻي اهو سائنسدانن ۽
فني ماهرن جو فرض آهي ته اهي انفرادي توڙي اجتماعي حيثيت ۾ سائنسي ۾ فني تحقيق سان
تعلق رکندڙ ادارن ۾ انهن سهولتن مان پورا پورا فائدا وٺن، جيڪي سائنسي فائونڊيشن
انهن کي مهيا ڪري ڏنا آهن.
No comments:
Post a Comment