Monday, April 23, 2012

I am in process of compiling quite important material on Dr Wadal Shah. Hope That very soon I will be able to upload.


Monday, April 16, 2012

Medals and Certificates: Photo courtesy Syed Salman Shah

In recognition of his outstanding services in the field of Science & Chemistry, the President of the Islamic Republic of Pakistan has been pleased to confer on Prof Dr Syed Wadal Shah, the award of 'Hilal-i-Imtiaz' (Posthumously) 

Friday, April 13, 2012

The Article written by Dr Wadal Shah, published by Sindh Science Society with title "Sokhri". Article is recomposed by Syed Sarmad Bukhari


پاڪستان سائنس فائونڊيشن
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ

          پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي جنهن نموني نظرانداز ڪيو ويو هو، سا هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت آهي. اِن ڳالهه کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته سائنس جي ترقي ۽ ملڪي ترقي ٻئي لازم ملزوم شيون آهن ۽ ڪوبه ملڪ جيڪڏهن سائنس جي ترقيءَ کان غافل رهيو ته اهو ڪڏهن به سڌري نه سگهندو. اهو تجربو پاڪستان کي اڳيئي ٿي چڪو آهي. پنهنجي غلفت جي ڪري اسين ترقيءَ جي بجاءِ سڌريل قومن کان گهڻو پوئتي پيل آهيون ۽ زندگيءَ جي هر سهولت لاءِ سندن محتاج آهيون. اسين اهو ڏسي رهيا آهيون ته جيڪي قومون سائنسي علم ۽ فني معلومات بهتر طور استعمال ڪري سگهيون ٿي، اهي ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهيون آهن ۽ اسين انهن جي مقابلي ۾ ڪمزور ۽ غريب آهيون.

          جنهن ملڪ ۾ ورهين جا ورهيه سائنس بي توجهيءَ جو شڪار ٿيل هجي، اتي چند سائنسدانن جون ڪوششون ڪامياب نٿيون وڃي سگهن. نتيجي ۾ انهن سائنسدانن جو مايوس هئڻ لازمي آهي. سائنسي برادري هر وقت اها تقاظا ڪندي رهي آهي ته ملڪ ۾ سائنسي سرگرمين کي يڪجاءِ ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کنيو وڃي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ اهڙي مستحڪم سائنسي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، جيڪا هن اهم شعبي ۾ قومي منصوبن ۽ پروگرامن سان هم آهنگي رکندڙ هجي. 

          جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي دانشمندانه قيادت ۾ عوامي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ سان نين اميدن ۽ امنگن جو دور شروع ٿيو. پاڪستان کي هڪ جديد ۽ ترقي يافته ملڪ بنائڻ جي تمنا رکڻ واري رهنما اهو محسوس ڪيو ته جيستائين اسين سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي پورو توجه نه ڏينداسون، تيستائين قومن جي برادريءَ ۾ پروقار مقام حاصل ڪري ڪونه سگهنداسون. ان ڪري ڀٽي صاحب صدارت سنڀالڻ کان يڪدم پوءِ ڪمال تدبر ۽ دور انديشيءَ کان ڪم وٺندي، سن 1971ع جي سانحه جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل حالتن جي باوجود، ملتان ۾ سائنسدانن جو اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ هن وفاقي حڪومت جي تحت سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجيءَ جي هڪ علحدي وزارت جي قيام جو اعلان ڪيو. تقريباَ سڀئي تحقيقي ڪائونسلون ۽ وفاقي حڪومت جا متعدد سائنسي کاتا نئين وزارت هيٺ آندا ويا.

          ان کانپوءِ هڪ اهم قدم اهو به کنيو ويو ته ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي واڌاري لاءِ، وفاقي حڪومت جي بنيادي اداري جي طور تي پاڪستان سائنس فائونڊيشن قائم ڪيو ويو اهڙي طرح فائونڊيشن جي قيام سان سائنسدانن جو اهو خواب پورو ٿيو، جيڪو هو ورهين کان ڏسي رهيا هئا. پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي قيام جو مقصد اهو آهي ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ضرورتن متعلق سرگرمين کي فروغ ڏنو وڃي ۽ انهن لاءِ سرمايو فراهم ڪيو وڃي. سائنس فائونڊيشن کي پنهنجن مقصدن حاصل ڪرڻ ۾ هن وقت تائين جيڪا ڪاميابي ٿي آهي، ان جو مختصر جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.

          سائنسدانن ۽ ريسرچ اسڪالرن کي سائنس جي ترقيءَ متعلق تازه ترين معلومات ۽ انگ اکر پهچائڻ لاءِ فائونڊيشن پاڪستان جي سائنسي و فني معلومات جو مرڪز (پاسٽڪ) قائم ڪرڻ جي اسڪيم تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. هن اسڪيم تي اندازاَ هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا. هن اسڪيم مطابق اسلام آباد ۾ هڪ نئشنل سينٽر ۽ چئني صوبن جي گادين، ڪراچيءَ، لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ چار صوبائي مرڪز قائم ڪيا ويندا، جيڪي هيٺ ڏنل سهولتون فراهم ڪندا.
1.قومي سائنس جي حوالن جي لائبرري.
2.دستاويزي سروسز 
 3سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون انفارميشن ٽرانسفر سروسز ۽ سائنسي انگ اکر گڏ ڪرڻ.

هنن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن انفارميشن سائنس سان واسطو رکندڙ عملي جي ويهن رڪنن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تربيت لاءِ موڪليو ويو آهي. موزون صلاحڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون ۽ اقوام متحده ۽ بين الااقوامي انفارميشن سروسز مثلاَ يونيسنسيٽ ۽ ايگرس وغيره سان رابطو قائم ٿي رهيو آهي.هنن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن انفارميشن سائنس سان واسطو رکندڙ عملي جي ويهن رڪنن کي ٻاهرين ملڪن ۾ تربيت لاءِ موڪليو ويو آهي. موزون صلاحڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون ۽ اقوام متحده ۽ بين الااقوامي انفارميشن سروسز مثلاَ يونيسنسيٽ ۽ ايگرس وغيره سان رابطو قائم ٿي رهيو آهي.
     ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي بين الااقوامي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ۾ خاطر خواه ڪاميابي حاصل ٿي آهي. ان کانسواءِ ڪراچيءِ جي پئٽينٽ ۽ ڊزائين آفيس ۾ پيل تقريباَ ويهه لکن ڊزائين اسپيسيفڪيشن کي فائونڊيشن پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي ۽ انهن جي درجي بنديءَ لاءِ خصوصي مهارت رکندڙ عملي کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.

     فائونڊيشن پنهنجي قيام کان هڪدم پوءِ تحقيق لاءِ جيڪي انفرادي تجويزون طلب ڪيون هيون، تن جي جواب ۾ ان کي ملڪ جي مختلف سائنسي ادارن طرفان تريباَ 208 رٿائون وصول ٿيون آهن، جن تي ڏھ ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. انهن مان 49 اهڙن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪي ملڪ جي اقتصادي ۽ معاشرتي ضرورتن سان سڌو سنئون تعلق رکن ٿا انهن تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا. في الحال فائونڊيشن جون مختلف ڪميٽيون وڌيڪ ستر (70) منصوبن جو جائزو وٺي رهيون آهن.

     بلوچستان ۾ ليٽرائيٽ جا ذخيرا آهن، جن ۾ ٽائٽينيم، اليومينيم، ۽ لوھ جا مرڪب ملن ٿا. في الحال انهن شين جي ضرورت پوريءَ ڪرڻ لاءِ هي مرڪب ٻاهران گهرايا وڃن ٿا ۽ انهن تي تمام گهڻي مقدار ۾ پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو. هي مرڪب پالش ۽ پئنٽ تيار ڪرڻ واري صنعت ۾ ڪم اچن ٿا. فائونڊيشن نيم پائلٽ پلانٽ اسڪيل تي پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفڪ ائنڊ انڊسٽريل ريسرچ سان هڪ گڏيل تحقيقي منصوبو تيار ڪيو آهي ته جيئن هڪ فارمولا تيار ڪئي وڃي، جيڪا اقتصادي طور تي عمل جوڳي هجي ۽ ان تي لاڳت به گهٽ اچي. ليٽرائيٽ جا ذخيرا ٻين اقتصادي مقصدن لاءِ به ڪم آندا پيا وڃن.
     فائونڊيشن لائيو اسٽاڪ انڊسٽريءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪيترن ئي عوامل جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته لائيواسٽاڪ جي ترقيءَ جي راھ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪچي چاري جي نايابي آهي، جيڪا پولٽريءَ جي کاڌي جو لازمي جزو آهي. ان ڪري تحقيقات جي روشنيءَ ۽ انهيءَ جي نتيجن جي بنياد تي 50 لک ٽن جوئر پيدا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اها جوئر نور زمين ۾ پوکي ويندي. ان سلسلي ۾ هن وقت تائين جيڪي نتيجا حاصل ٿيا آهن، سي ڪافي اميد افزا آهن. بهار جي موسم دوران جوئر تي تجربا ڪيا ويا ۽ انهن جي نتيجن جي آڌار تي آبادگارن اهو خيال ڏيکاريو آهي ته هن فصل جو ٻج ڪمند سان گڏ پوکي سگهجي ٿو، جنهن مان چڱي خاصي مقدار ۾ پيداوار حاصل ٿي سگهي ٿي.
     چين رعيتي راڄ جي ڳوٺاڻن عالائقن مان حاصل ٿيندڙ فني نتيجن کي مد نظر رکندي سنڌ، پنجاب ۽ سرحد جي ڪن ڳوٺن ۾ بايو گئس جي ڪارخانن قائم ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪيلي جي ٿڙن مان ڪاغذ جو گودو (Pulp) تيار ڪرڻ واري اسڪيم تيار ڪئي ويئي آهي، جنهن لاءِ فائونڊيشن موڙي ڏئي رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽوٽ آف ڪيمسٽري سميت ٻين ٻن هنڌن تي ان اسڪيم جو جائزو ورتو پيو وڃي.
     غير روايتي ذريعن مان توانائي حاصل ڪرڻ جي مقصد سان سائنس فائونڊيشن سج جي ڪرڻ مان حاصل ڪيل توانائيءَ کي ذخيري ڪرڻ جو جائزو وٺي رهيو آهي. گهرن کي گرم ڪرڻ ۽ پمپن ذريعن پاڻي ڪڍڻ لاءِ مختلف قسم جي Gadgets جو مطالعو ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ سائنس فائونڊيشن هائڊرالڪ پاور پلانٽ تعمير ڪرڻ وارين اسڪيمن جي به مدد ڪري رهيو آهي، جن جو مقصد آهي ته پاڪستان جي اترين علائقن ۾ پاڻيءَ جي آبشارن مان بجلي پيدا ڪئي وڃي.
     فائونڊيشن سائنسدانن جو هڪ پول قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ ذهين سائنسدان شامل آهن. ڪيترائي اهڙا به اسڪالر آهن، جيڪي اڳي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، پر هاڻي پول ۾ ڪري رهيا آهن. جيستائين هنن سائنسدانن کي مستقل طور تي سندن صلاحيتن مطابق واسطيدار شعبن ۾ رکيو نه ويندو، تيستائين کين عارضي طور تي مختلف يونيورسٽين ۽ سائنسي ادارن سان لاڳو ڪيو ويندو آهي.
     فائونڊيشن مختلف ملڪن ۽ بين الااقوامي ايجنسين سان تعلق رکندڙ فني ماهرن ۽ سائنسدانن کي وقت بوقت پاڪستان ۾ گهرائيندو رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ ڪيترين ئي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن جو اهتمام ڪيو آهي. انهن اجلاسن ۾ سائنسدانن جي تربيت، سائنسي اوزارن ۽ فائونڊيشن لاءِ مشاورتي خدمتن جي ضرورت تي بحث مباحثا ڪيا ويا آهن. فائونڊيشن تقريباَ هڪ درجن پاڪستاني سائسدانن کي بين الاقوامي سائنس ڪانفرنس ۽ مذاڪرن جي مجلسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلڻ جو اهتمام ڪيو آهي، جنهن تي تقريباَ پوڻا ٻه لک رپيا خرچ آيو آهي.
     عوامي حڪومت ملڪ جي اترين علائقن جي ترقيءَ ۾ جيڪا دلچسپي وٺي رهي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي سائنس فائونڊيشن انهن علائقن ۾ قومي ترقياتي رضاڪار پروگرام تحت سائنسي مهم شروع ڪئي آهي. ان مهم ۾ مختلف يونيورسٽين مان تقريباَ 80 هزار ماهرن ۽ اين-ڊي-وي-پي. جي 120 رضاڪارن حصو ورتو. هن مهم جو اهو مقصد هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انهن علائقن ۾ ترقيءَ جي موقعن جي نشاندهي ڪئي وڃي.
     انهن ماهرن مختلف شعبن مثلاَ خوراڪ، زراعت، چوپائي مال جي پالنا، ٻيلن، ماهي  گيري، معدنيات، صحت ۽ ارضيات وغيره ۾ تفصيلي سروي ڪئي آهي ۽ پنهنجون ابتدائي رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون آهن. انهن رپورٽن مان هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي ويندي. رپورٽ تيار ڪرڻ کانپوءِ انهن علائقن جي ترقيءَ جي باري ۾ ملڪي معيشت جي رٿا بندي ڪرڻ وارن کي تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون وينديون، جن جي روشنيءَ ۾ هو ايندڙ پنجسالي رٿا دوران انهن علائقن جي ترقيءَ لاءِ اسڪيمون تيار ڪندا.
فائونڊيشن جا آئنده پروگرام
   مٿي ڄاڻايل ڳالهين کانسواءِ پاڪستان سائنس فائونڊيشن ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سر گرمين کي ترتيب ڏيئي رهيو آهي. هن پروگرام تحت سائنسي ۽ فني معلومات جي نظام کي بهتر بنايو ويندو، بين الاقوامي معلومات جي سسٽم سان گهرو تعلق رکيو ويندو ۽ سائنسي معلومات جا ذيلي ادارا قائم ڪيا ويندا. مختلف تحقيقاتي ادارن ۾ انگن اکرن گڏ ڪرڻ جون سهولتون پيدا ڪيون وينديون، بين الااقوامي ادارن جي تعاون سان سائنسي تحقيقات جا گڏيل پروگرام شروع ڪيا ويندا ۽ تربيت جي سهولتن ۾ واڌارو ڪيو ويندو. سائنسي اوزارن ۽ فني مشاورت جي سروس قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ ائپروپرئيٽ ٽيڪنالاجيءَ جو مرڪز قائم ڪيو ويندو ۽ ترقي يافته ملڪن جي سائنسي ادارن ۽ سائنسي توڙي فني ماهرن سان ادارتي سطح تي قائم ڪيو ويندو.
     سائنس فائونڊيشن جي قيام سان سائنسي ترقيءَ جي ڏس ۾ هاڻي ڇاڪاڻ ته هڪ خوشگوار ابتدا ٿي چڪي آهي، ان ڪري هاڻي اهو سائنسدانن ۽ فني ماهرن جو فرض آهي ته اهي انفرادي توڙي اجتماعي حيثيت ۾ سائنسي ۾ فني تحقيق سان تعلق رکندڙ ادارن ۾ انهن سهولتن مان پورا پورا فائدا وٺن، جيڪي سائنسي فائونڊيشن انهن کي مهيا ڪري ڏنا آهن.     






Thursday, April 12, 2012

Some views of family, friends and students


ٻالجتيءَ کان آخري دم تائين سڀني جو وڏل شاھ ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏي چاچي سيد بچل شاھ جون ٽي شاديون هيون پهرئين نڪاح مان سيد بقادار شاھ ٿيو جواني کي رسيو شادي ڪيائين. علاج خاطر سير ڇوڙايائين رت گهڻو وهي ويو ان مان خرابي پيدا ٿي ۽ اٽڪل 21 سالن جي عمر ۾ 1927ع يا 1928ع ڌاري وفات ڪري ويو. سيد بچل شاھ کي ٻئي نڪاح مان هڪ نياڻي ۽ ٽئي نڪاح مان هڪڙو پٽ ٻڍل شاھ ٿيو جنهن وڏي ڄمار ماڻي جنوري 2004ع ۾لاولد فوت ٿي ويو.

سيد بچل شاھ جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ سيد ڏتل شاھ جي نرينو اولاد ۾ سڀ کان ننڍو پٽ سيد وڏل شاھ ٿيو جنهن تي ٻانگ جو نالو سيد بقادار شاھ رکيو ويو. وڏي عمر جا ڳوٺاڻا بادل ملاح ۽ ٻيا کيس آخر تائين به مير بقادار شاھ سڏيندا هئا. ڇاڪاڻ ته وڏي چاچي جي وڏي پٽ جو نالو هو انڪري گهر ۾ به وڏل شاھ سڏيو ويو ۽ اسڪول جي داخلا وقت به نالو وڏل شاھ لکيو ويو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڄمندي ڄام هو سندن والده (وفات 1987ع) ٻڌائيندي هئي ته منهنجو ننڍڙو ننڊ مان ڪڏهن به روئي ڪونه اٿيو هميشه يا ته کلي اٿندو هو يا امان ڪري اٿندو هو. سمجھ ڀريو ٿيو ته مونکان مولود چورائيندو هو، ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ ڳالهين مان ڪَڪِ ئي ڪين ٿيندو هو. ڏاڍو آلو ڀولو ٻار هو، عجب جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو انڪري کيس پيار مان ‘‘بودو’’ سڏيندي هئس.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏي ڀيڻ (وفات 2004ع) ٻڌائيندي هئي وڏل شاھ جون ننڍڙي هوندي ڏاڍيون وڻندڙ حرڪتون هونديون هيون. سندس زبان مان نڪتل لفظ وهي ويندا هئا انڪري ڳوٺاڻا سندس ان قوت کان ڊڄندا به هئا ۽ کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. هڪڙي ڀيري ڳوٺ جي وريند نالي هڪڙي گهورڙئي واڻئي کان شئي گهريائين جنهن کيس شئي ڪانه ڏني يا وري ٿوري ڏني وڏل شاھ کيس چيو ته وڃ ته حاجاڻا مُٽنئي. ڪجھ وقت کان پوءِ مائي ڌاڻو حاجاڻي آئي ان کان پڇيائين ته اي ڌاڻو وريند کي اوهان جي حاجاڻن مُٽيو؟ ڇاڪاڻ ته وڏل شاھ ٻاتو هو انڪري مائي سندس ڳالھ ڪانه سمجهي سگهي جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته کل ۾ ويڙهجي وئي ۽ وراڻيائين ته حاجاڻن ڪونه باقي سندس گهوڙي هٿ ۾ چڪ هينس ۽ سڄو هٿ کڻي وات ۾ وڌائين. وريند چوندو هو ته ننڍڙي شاھ جي ڳالھ وڙهي آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي ٻيو نمبر وڏي ڀيڻ جيڪا 85 سالن کن جي آهي ۽ حال حيات آهي (2011ع) تنهن ٻڌايو ته مُهاڻو گهوڙي تي مڇي کڻي اچي حويلين جي لوڙهي وٽان مٽيو ڏاڏيءَ چيس ته وڏل شاھ مهاڻي کي پوئتي موٽاءِ ته مڇي وٺون.  ننڍڙي وڏل شاھ ميربحر کي سڏ ڪيا پر هن موٽڻ جي ڪانه ڪئي جنهن تي وڏل شاھ اتان ئي رڙ ڪري چيو ته ڏاڏي هي مڇلو مڇي ڪونه ٿو ڏي. مهاڻو پوئتي وريو ۽ چڱي موچاري ڪُرڙي مفت ۾ ڏئي هليو ويو وڏل شاھ کڻي آڻي ماءُ کي ڏني. ڊاڪٽر صاحب جي ڀيڻ وڌيڪ ٻڌايو ته بابا پورهيت هو هارپو ڪندو هو ٿورڙو مال رزق به هو ان جي گاھ پَٺي ۽ ڪم ڪار لاءِ وڏل شاھ گڏهڙو ڌاريو جيڪو مري ويو پوءِ ڪٿان لاھ گهلي آڻي هيٺال ۾ مال جي وٿاڻ ۾ ڇڏيائين امان پڇيس ته هي ڇو کڻي آندو اٿئي وراڻيائين منهنجو گڏهڙو آهي پوءِ ان ته لانگ ورائي هڪليندو هو.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي خاندان ۾ جيڪو ماحول مليو ان سندس شخصيت تي ٻالجتي کان ئي تمام گهرا نقش ڇڏيا جيڪي آخر تائين قائم رهيا. ڊاڪٽر صاحب جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ خاندان جي ماحول بابت لکي ٿو ته سيدن جو هي خاندان سنڌ ۾ نهايت دير سان آيو هو ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ هنڌ ويهي نه سگهيا هئا، انڪري پيري مريدي، زمينداري ۽ اجائي وڏ ماڻهپائي جهڙن ٺڪرن کان آزاد رهيا. پورهيا ڪيائون پر ٻين جو رت پي نڪي پاڻ پليا نڪي پنهنجا ٻچا پاليائون. مونکي خوشي آهي ته اسان جي موجوده خواھ اڳئين ڪٽنب ۾ حرام جو رت ۽ گوشت ڪنهن جي به جسم ۾ ڪونه آهي. پاڻ وڌيڪ لکن ٿا ته اسان جي ننڍي پڦي آخوند حافظ محمّد بقا قريشي صديقي وٽ قرآن مجيد ناظره پڙهيو ۽ ابولحسن جي سنڌي پڻ پڙهيائين، اهو هو پاڪ علم جو پهريون داڻو هو جيڪو ورثي ۾ آيو. حضرت پڦي وٽ اسان جي والده پڙهي، جنهن قرآني مڪتب کوليو ٻارڙا لِله پڙهندا هئا. ڇوڪرين لاءِ روزه، نماز، رڌپچاءَ، ڀرت، رلِي، ٽوپي، گهرن جي صفائي، ٻار نپائڻ ۽ ستي ڦڪيءَ جي عملي تعليم هوندي هئي. رمضان شريف ۾ ڇوڪرين کي سڄو مهينو روزا رکائڻ ۾ ايندا هئا تراويح پڙهائي ويندي هئي، درود شريف جا لک ۽ قرآن مجيد جا سوين ختم ٿي چڪا هوندا. بيمار ٻارن ۽ زالن کي ستي ڦڪي مفت ۾ ملندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هفتن جا هفتا اهي رهيل هوندا هئا. اهڙين ڳالهين تي ڳالهائيندي سيد وڏل شاھ جي والده چوندي هئي ته اسان پنبڻين سان ماڻهو ميڙي راڄ ٻڌو.

سيد وڏل شاھ تي خانداني ماحول جو اثر ٻالجتي کان ئي ظاهر هو پاڻ ننڍڙي عمر کان روزي نماز جو پاپند قبر پوڄا کان پري ڏاڍو بي ڊپو ۽ موحد انسان هو. سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته گرمي جي موڪلن ۾ وڏل شاھ مون وٽ سڪرنڊ اچي رهندو هو ۽ فارسي پڙهندو هو. انهن ڏينهن ۾ ملان عيسيٰ نالي ڪيرئو ڳوٺ تِلي لڳ سڪرنڊ ۾ رهندو هو ڏاڍو نيڪ مرد هو اسان جي خاندان جي انهن سان دوستي هئي انڪري وڏل شاھ کي ڏاڍو ڀائيندو هو. ملان عيسيٰ ڏور بيت ڄاڻندو هو ۽ سڄيون سڄيون راتيون ڏورن ۽ بيتن ۾ گذري وينديون هيون وڏل شاھ سڄيون راتيون جاڳي، ڪن لايو ويٺو ٻڌندو هو. ملان عيسيٰ جو ڀاڻيجو حاجي غازي ڪيرئي جو لاڙو وري عبادتن، ذڪر فڪر ۽ مجلسن ڏانهن هوندو هو. جتي تر ۾ ڪا ديني مجلس هوندي هئي اتي وڏل شاھ مون سان (ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ) سان گڏجي وڃي شريڪ ٿيندو هو ۽ سڄيون راتيون عبادت ۽ ذڪر فڪر جي مجلس ۾ گذري وينديون هيون اهي مجلسون هميشه حاجي غازي خان ڪيريو ڪرائيندو هو.

ڊاڪٽر سيد صالح محمّد شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته سيد وڏل شاھ جڏهن مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ پڙهندو هو ته ننڍا وڏا شاگرد کيس مرشد ڪري سڏيندا هئا اهو ڪوڙو اعزار ڪونه هو پر هن جون جيڪي صفتون هيون، انهي ڪري نه فقط شاگرد پر سندس استاد، هيڊ ماستر سندس فقيرانه طبعيت جا گرويده هوندا هئا. گهڻن ماڻهن کي گمان ڇا پڪ هوندي هئي ته وڏل شاھ صاحب  ڪرامت آهي.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته وڏل شاھ کي جيئن ئي ڏاڙهي آئي ته ان تي پاڪي ڪانه ڦيرايائين جَوَ جيتري ڏاڙهي سدائين رکيل هئي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ ٻيا شاگرد بلاڪن ۾ رهيل هئا پوءِ کين منتقل ڪري شاھ لطيف هاسٽل ۾ رکيو ويو اتي هاسٽل جي وڏي هال کي مسجد اچي بنايائين نماز پاڻ پڙهائيندو هو جمع جو خطبو به پاڻ ئي ڏيندو هو. هاسٽل جو ماحول ئي بدلجي ويو ان وقت هونئن به حالتون سٺيون هيون شاگرد ڪمرا بند ڪئي بغير ڪلاسن ۾ هليا ويندا هئا چوري چڪاري ۽ داداگيري جو ڊپ ڪونه هوندو هو.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو ماروٽ سيد شير شاھ (نومبر 2011ع) ورجايل يادگيرين ۾ ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب نهايت پرهيزگار، روزي نماز جو پابند ۽ تهجد گذار ماڻهو هو. زماني گيري کان صفا پري هو سندس طبعيت ۾ ايتري سادگي هئي جو اسان زماني جي ماڻهن کي حيرانگي ٿيندي هئي سندس سڄي عمر پاڪيزگي سان گذري. اهڙن ساڳين خيالن جو اظهار پروفيسر ڊاڪٽر دادو خان بڙدي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شاھ نواز عارباڻي جن پڻ ڪيو ڊاڪٽر بڙدي سندن شاگرد هو ۽ ڊاڪٽر عارباڻي صاحب هڪ سال سينيئر ۽ تمام ويجهو دوست هو هي ٻئي محترم ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي اوصاف حميده تي ڳالهائيندي روئي ويٺا ڊاڪٽر بڙدي اوڇنگارون ڏئي روئندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته سائين وڏل شاھ هڪڙوئي هو سندس وڃڻ بعد اسين شاگرد يتيم ۽ بي سهارا بنجي وياسين ۽ نيچرل پراڊڪٽ جو شعبو نڌڻڪو ٿي نيٺ اجڙي ويو. ٻنهي معزز پروفيسر صاحبان جي راءِ هئي ته (2011ع ۾ ڪيل انٽرويو) اسان سائين وڏل شاھ جي شخصيت ۾ ڪوبه جهول ڪونه ڏٺو، پاڻ انتهائي ايماندار، صاحب ڪردار، سخي ۽ مسڪينن جو تمام دليرمددگار هو. پروفيسر ڊاڪٽر ميڊم گلشن سهتو جون (2011ع) انٽرويو دوران اکيون آليون ٿي پئي ويون سندس زبان مان هر وقت ‘اسان جو سائين’ يا ‘سائين’ لفظ ٻڌڻ ۾ آيو. محترمه اڄ به ايتري عقيدت ۽ احترام سان پئي ڳالهايو ڄڻ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هي سڀ ڪجھ ٻڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه باربار چوندي رهي ته اسان نياڻين جو سهارو ۽ ڀر جهلو هو مجال آهي جو ڪا ميري اک اسان ڏانهن کڄي. پروفسير گلشن صاحبه ٻڌايو ته ڪنهن صاحب گدلي نيت سان سڏايو مون سائين وڏل شاھ سان ذڪر ڪيو پاڻ چيائين ته تون بي فڪر ٿي اوڏانهن هل آئون تنهنجي پاڇي وانگر آهيان. ڊاڪٽر صاحب ان ماڻهو جي مونسان گفتگو ٻڌي پوءِ ان سان جوڳي جٺ ڪئي. اهڙي جٺ  جي بدلي ۾ ان صاحب اختيار مونکان استعفيٰ لکارائي ورتي ۽ ليڪچرارشپ داءِ تي لڳارا ئي ڇڏي آئون روئندي رهيس. ڇهن مهينن بعد سائين نه صرف مونکي بحال ڪرايو پر نوڪري وارو خال به رهڻ ڪونه ڏنو. اسين ڇوڪريون سائين لاءِ بلڪل به سڳين نياڻين جهڙيون هيونسين. منهنجو ليڪررشپ جو آرڊر ڪونه پئي نڪتو سائين کي ٻڌايو وراڻيائين پُٽ فڪر نه ڪر آرڊر نڪري ويندو. چند ڏينهن کانپوءِ مونکي گهرائي چيائين آرڊر ٿيو پيو آهي کڻي اچ ۽ ڊيوٽي سان وڃي لڳ. مونکي اعتبار ڪونه پيو اچي چيم سر ڀوڳ نه ڪريو مان ڏاڍي ڪمزور ڇوڪري آهيان هنيانءَ ڦاٽي پوندو. مان پنهنجي حال تي کلان پئي سر چيو پٽ آرڊر نڪتو پيو آهي کڻي اچ مان آرڊر کڻي وڃي ڊيوٽي رپورٽ ڏني. ايڏي خوشي ٿي جنهن جو بيان نه ٿي ڪري سگهان.

ليباريٽري ۾ ڪم ڪندي دير ٿي ويندي هئي آئون ۽ زاهده شام جو پيدل موٽندا هئاسين سر ليباريٽري بند ڪري گهر لاءِ واپس ٿيندو هو اسان کي اڪثر گاڏي ۾ ويهاري گهر وٺي ايندو هو. سائين جي گهرواري منهنجي ڪاليج ليول تي استاد رهي هئي سائين جي امڙ به ساڻس گڏ رهندي هئي. گهر اچي چوندو هو ته ڇوريون بک مري وينديون کين ماني کارائي پوءِ روانو ڪريو ڇوڪرين جو محافظ هو هاڻي اهڙو ڪوبه استاد ڪونهي اسين به اهڙا استاد ڪونه آهيون نه وري اهي شاگرد آهن. اڄ به ڊاڪٽر عارباڻي ايندو آهي ته مان ڏڪندي آهيان حالانڪه مان پاڻ هنيئر پروفيسر ۽ پنهنجي شعبي جي سربراھ آهيان. مونکي اولاد ۾ هڪڙي نياڻي آهي. هائوس جاب پئي ڪري چوندي آهي ته استادن جون اکيون ڏس پوڙهو واڻيو آهي مون تي ڦڙڪيون ٿو هڻي. اڄ جو ٻار بانحي تڏهن ٿيو آهي جو استادن مان اها ڳالھ نڪري وئي آهي. سائين وڏل شاھ جي وفات جي خبر پئي ته آئون ۽ زاهده ڇتيون ٿي پيونسين بي تحاشا روئندي ۽ چرين وانگر دانهون ڪندي ڏسي ٻين ڇوڪرين چيو ته توهان کي ڇا ٿي ويو آهي هڪڙو استاد فوت ٿيو آهي هنن کي ڪهڙي خبر ته اسان جو مائٽ، استاد ۽ محافظ اسان کي يتيم ڪري هليو ويو. ڳالھ ٻولھ دوران پروفيسر صاحبه ڪيترائي ڀيرا روئي ويٺي.       

Wednesday, April 11, 2012

Dr Wadal Shah as perceived by me


Prof Dr Syed Wadal Shah as Perceived by me
By Sanaullah Bukhari
                                                           
Every new child growing in mother’s womb gives us hope that, Creator still loves this world and people with exceptional qualities will born. Human beings are declared superior creation and are supposed to draw line between right and wrong and follow the path of righteous and rewarded persons. Some people follow the right path, and are admired, and remain in hearts of people even years after death. When wisdom and intellect blend with sincerity, devotion, sacrifice, passion, determination and tolerance an exceptional and admired person is born. Dr Wadal Shah was one of such exceptional persons who is still present in many hearts even after 38 years of his death. His commitment with profession, passion for science & research and determination to see University of Sindh as world leading institute is the deed which makes him alive.

Dr Shah was born in a small backward and unprivileged village Amin Lakho, situated near New Saeedabad, district Hyderabad Sindh in 1934. His poor Syed family was under financial hardships in his early age. His father died when he was just 5 years old and left family supporting male was his 15 years old elder brother Syed Muhammad Salih Shah (who later on completed doctorate in Sindhi and remained subject specialist in Sindh Text Book Board Jamshoro and authored various text books and literature in Sindhi). It was very difficult for the family even to eat three times a day. In his early age, one could have never imagined about little Wadal Shah, he would be a renowned professor and will be remembered by thousands of people. Family guardian and his uncle Syed Khan Muhammad was a pious and wise person. He was inspired by religious Rashidi family of nearby Pir Jhando village and had established close acquaintance. Syed Khan Muhammad Shah felt the importance of education and encouraged his nephews and other family youths for education. Syed Muhammad Salih Shah and Syed Lal Shah were the first to complete eight classes (than Final Pass) and were appointed as primary teachers. This was beginning of the new journey of Syed family of Amin Lakho. The goat shepherd child, Wadal Shah was admitted in primary school Amin Lakho, where Syed Lal Shah was his primary teacher.

If personality is upright, only a tiny spark can be a candle in the dark. Education was that tiny spark which lighted his inner self. Since his early age, Wadal Shah was determined to achieve the true objective of life. His objective was to value and recognize the importance of life gifted by God and pass it in such a way that it could be beneficial and productive for the society.

As a student, Syed Wadal Shah was intelligent and hardworking, never gave up nor tired and continued his objective struggle with meager financial and other supporting resources. With his attitude he earned respect among students and teachers in all levels of his education. His charismatic personality made other students his follower even during high school education. It is a matter of pride for a student if he is able to teach his fellow students. As a student, Syed Wadal Shah taught not only his classmates but also students of higher classes. His academic career is full with achievements and succeeded to hold gold and silver medals. He never used cot and pillow while reading books because, he thought this comfort would hamper his studies. Dr Muhammad Ismail Ursani, a famous educationist and author, writes in an article about Syed Wadal Shah: He was very intelligent student and during his university studies, one of his examiners wrote on his answer copy “student is more knowledgeable than examiner”.

Syed Wadal Shah started his professional career as junior lecturer in University of Sindh after graduation. This was the beginning of his professional career and University of Sindh provided him the platform to gather and use energies for higher education and paying it back in the form of quality teaching, research and progress of the University. He was selected for PhD scholarship at Imperial College, University of London and his dreams began to come true. His hard work and interest made it possible to complete PhD before scheduled time. During sixties, scholars and professionals on finger counting were available in Pakistan and particularly in Sindh. After completion of PhD, he was posted in Engineering College, University of Sindh. In those days, Engineering College was in its infancy and facing acute shortage of qualified teachers. His joining in College was blissful and supportive and with his visionary approach he established chemistry laboratory in college with the support of college administration. This greatly helped the students of engineering college to conduct experiments in chemistry. He decided to establish advanced laboratory for research in chemistry. To achieve this, it was necessary to gain more knowledge and working experience with world renowned professors in advanced research laboratories around the world. In this quest, he secured one year research scholarship from University of Tokyo, Japan in chemical engineering. Though, he was married a week before his departure to Japan but with the consent of newly married wife and other family members he left for Japan. This was his commitment with profession and desire to do something for University of Sindh. Also, he succeeded to seek one year post doctorate research funding from government of Norway.

Now it was the time to pay back to nation. With his untiring efforts he established organic chemistry laboratory in University of Sindh and enrolled 5 students for PhD research. First time in history of the University, 5 students completed their PhD research within 3 years stipulated time. He worked for days and nights in supervising research and thesis writing of students. He prepared research proposals and succeeded to seek funding from Pakistan Science Foundation and National Science foundation of America and enrolled 11 other students for PhD research. Simultaneously, he wrote and published six research papers, six books on science in Sindhi language, composed English to Sindhi scientific dictionary (unpublished), published various articles in magazines and newspapers, delivered radio talks on Radio Pakistan, organized international science conferences particularly Nawabshah conference, worked as editor of first Monthly Science Magazine in Sindhi and rendered services for Sindh University employees  colony. Besides, he was obedient son, loving husband, caring father, reliable brother, ideal teacher, companion of friends and a social developer. It appears he lived for others.
  
Prof Dr Syed Wadal Shah was busy in supervising the research of 11 PhD students. At one stage, it was necessary to analyze the natural product samples in advanced laboratories. He requested the Norwegian university to provide the research facilities and was allowed. He worked for days and nights to complete his research and analysis of samples within 3 months time. He succeeded in completing research and was ready to return back but unluckily was found dead in his room lying on the floor on 16 December 1975. Alas, he lived a short life and his mission was incomplete. He was buried by thousands of mourning eyes in this native village Amin Lakho.

His friends and student regard him as legendary son of Sindh. In his short life, he did remarkable work. His mission was selfless service for progress of science in motherland and dreamed to see University of Sindh as internationally renowned centre for academic and advanced research. He never thought and worked for money, luxury and authority. The gap after his death is not yet filled. People like Prof Dr Syaed Wadal Shah born once in a while in history and shed long term impacts. It is our responsibility to value such people and set them example for generations to come. 

Post Doctorate from Norway and last journey - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


ناروي لاءِ فيلوشپ ـ
ناروي حڪومت جي انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايجنسي طرفان گهرايل پوسٽ ڊاڪٽورل فيلوشپ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو نالو موڪليو.کيس بين الاقوامي چٽا ڀيٽي ۾ چونڊو ويو ۽ پاڻ آرگينڪ ڪيميسٽري ۾ پوسٽ ڊاڪٽورل ڪرڻ لاءِ آگسٽ 1970ع ۾ روانا ٿيا. هن ڀيري به پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله قاضي جن ساڻن گڏ روانا ٿيا قاضي صاحب جن اوسلو ۾ هئا ۽ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ريسرچ جوڪم ٽرونڊهائم(Trondheim) يونيورسٽي ۾ پورو ڪري آگسٽ 1971ع  تي واپس اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو ان وقت پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر جي عهدي تي هئا.

ناروي لاءِ ٻيهر روانگي ـ

نارويجن ايجنسي فارانٽرنيشنل ڊولپمينٽ N.O.R.A.D جي فيلوشپ ڊويزن جي چيف خط لکي اطلاع ڪيو ته توهان سان گذريل سال ڊسمبر ۾ ڪراچي ۾ ملاقات ٿي هئي مونسان گڏ Dr. Thulin به هو پنهنجي بحث مباحثي جي نتيجي ۾ مون اوهان کي 27 جون 1975ع تي فيلوشپ جي آڇ جو خط اماڻي ڇڏيو آهي جيڪو اميد ته ملي ويو هوندو توهين ناروي اچڻ جي تياري ڪريو.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هتان روانو ٿي 30 آگسٽ 1975ع تي اوسلو پهتو اتي به ڏينهن رهڻ بعد 01 سيپٽمبر تي ٽرونڊهائم پهتو. سنڌ يونيورسٽي ۾ سندن نگراني ۾ ڪم ڪندڙ اسڪالرس جا 125 کن سيمپل پائوڊر فارم ۾ تبديل ڪري پاڻ سان کڻي ويا هئا. ميڊيڪل پلانٽ ڪيميسٽري ۾ پروفيسر N.A Sorensen جي مشورن ۽ رهنمائي هيٺ اهو ڪم ٽن مهينن ۾ ختم ڪرڻو هو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڏينهن رات هڪ ڪري ڪم ۾ جنبي ويو پر ڪم گهڻو ۽ وقت تمام ٿورو هو انڪري هڪ مهينو وڌائي ڏيڻ لاءِ درخواست ڏنائون جيڪا قبول پئي ۽ کين 31 ڊسمبر 1975ع تائين وقت وڌائي ڏنائون. 

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪم ختم ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجي شاگردن کي خط لکي ٻڌايو ته ‘‘نتيجا انتهائي دلچسپ آيا آهن’’ سندن ڪم ڪرڻ جو انداز ۽ رفتار ڇا هئي ان لاءِ فيلوشپJohn Dag Hutchison  05 جنوري 1976ع تي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي گهر وارن کي لکيل خط ۾ ڄاڻائي ٿو ته منهنجي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سان روبرو ملاقات ڪانه هئي فون تي ساڻس ڪيترا ڀيرا ڳالھ ٻولھ ٿي هئي. منهنجي راءِ موجب هو اهڙو ماڻهو هو جنهن جي خواهش هئي ته ناروي ۾ جيڪو ٿورڙو وقت آهي ان ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪري وٺي انڪري محسوس ٿيندو هو ته پاڻ تمام گهڻو ڪم پيو ڪري.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو هي سفر جو آخري سفر ثابت ٿيو، ناروي حڪومت جي جاري ڪيل وفات جي سرٽيفڪيٽ موجب 17 ڊسمبر 1975ع واري رات تي پنهنجي ڪمري مان ئي ڪونه نڪتا. 





Tuesday, April 10, 2012

Post Graduate course from Japan - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


جپان روانگي ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي 15 سيپٽمبر 1968ع تي شادي ٿي جنهن جي ڏهاڪو ڏينهن بعد يونيسڪو ۽ جپان حڪومت جي خرچ تي ڪيميسٽري ۽ ڪيميڪل انجيئرنگ ۾ انٽرنيشنل پوسٽ گريجوئيٽ يونيورسٽي ڪورس ڪرڻ لاءِ ٽوڪيو، جپان روانو ٿي ويو.ڪورس 03 آڪٽوبر 1968ع کان شروع ٿي 16 سيپٽمبر 1969ع تي ختم ٿيڻو هو.شادي جي چند ڏينهن بعد جپان تڪڙي روانگي کي نظر ۾ رکندي سنڌ يونيورسٽي جي ان وقت جي پبلڪ رليشننگ آفيسر (P.R.O) ۽ صحافي پير مظهر(هاڻي سنڌ جو وزيرتعليم) ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو انٽرويو ڪري هڪ مضمون عبرت اخبار ۾ شايع ڪرايو جنهن جو عنوان هو‘علم جي تلاش’.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ لاءِ علم جي تلاش واقعي به وڏي شوق جي ڳالھ هئي سنڌ يونيورسٽي کيس صرف 02 ڏينهن لاءِ پوري پگهار سان موڪل ڏني باقي 11 مهينا 28 ڏينهن اڌ پگهار جي شرط تي جپان وڃڻ جي اجازت ڏني هئي پاڻ اهو شرط قبول ڪري روانا ٿيا. جپان لاءِ اسڪالرشپ ٿوري هئي انڪري پاڻ سنڌ يونيورسٽي کي خط لکي گذارش ڪري ويا هئا ته سندس اڌ پگهارجپاني ڪرنسي ۾ تبديل ڪري اسٽيٽ بئنڪ جي معرفت کيس موڪلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. جپان ۾ رهائش دوران پاڻ ٽيڪنيڪل انجنيئرنگ تي لکڻ شروع ڪيوهئائون پر مڪمل ڪونه ٿي سگهيو. ڊاڪٽر صاحب جن ڪورس پورو ڪري ڊپلوما وٺي 23 سيپٽمبر 1969ع تي واپس اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ درس تدريس ۾ مشغول ٿي ويا. محمّد اسماعيل عرساڻي لکي ٿو ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جپان ۾ پاڻ کي اهڙو لائق فائق ثابت ڪيو جو آخر تائين به جپان يونيورسٽي کائنس ڪيميسٽري جو پيپر سيٽ ڪرائيندي هئي.


ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سان ڀٽائي جي لفظن ۾ ‘پيان نه ڍاپان’ وارو حساب هو علم جي اُڃ اجهامڻ واري ڪانه هئي. پاڻ 1970ع ۾ ناروي روانو ٿيڻ کان اڳ نيشنل ريسرچ ڪائونسل ڪئناڊا کي خط لکي ڪيميسٽري جي شعبي ۾ ريسرچ ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئائون پر ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين 70-1971ع لاءِ فيلوشپ جو فيصلو اڳواٽ ٿي چڪو هو انڪري کيس سال 71-1972ع لاءِ درخواست ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو. ڪئناڊا جي فيلوشپ بابت اطلاع ملڻ کانپوءِ پاڻ ترت ئي اوڪلاما   (Oklama)يونيورسٽي کي لکيائون، جن معذرت ڪندي ڄاڻايو ته جنهن فيلڊ ۾ اوهين ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ان ۾ في الحال گنجائش ڪانهي جئين ئي گنجائش نڪتي ته ضرور اطلاع ڪيو ويندو.


Monday, April 9, 2012

Post Graduation - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


اعليٰ تعليم ۽ ريسرچ ـ
نومبر 1963ع ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج ۾ جونيئر ليڪچرر مقرر ٿيو ساڳئي ئي سال ۾ کيس ميرٽ اسڪالرشپ ملي جيڪا برطانيا ۾ وڃي پڙهڻ لاءِ هئي. پاڻ آڪٽوبر 1964ع ۾ لنڊن لاءِ روانو ٿيو، هالا تعلقي مان پهريون شخص هو جيڪو ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ ولايت وڃي رهيو هو. امپيريل ڪاليج لنڊن جي ان وقت جي اعليٰ تعليم لاءِ داخل شاگردن جي لسٽ مان پتو پوي ٿو ته ڪيمسٽري ۾ اڪيلوئي پاڪستاني شاگرد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ هو. 23 جنوري 1965ع تي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته آئون موجوده وقت ۾ (Pure science) ۾ پهريون سنڌي آهيان جنهن کي اسڪالرشپ ملي آهي سابه ايتري تڪڙي.

       شروعات ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ ڊاڪٽر اسدالله قاضي (هن وقت وائس چانسلر اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد) هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رهندا هئا. ٻئي ڪمري ۾ ڊاڪٽر حاجي محمود ميمڻ (مهراڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿيو) ۽ هڪ ٻيو سنڌي رهندا هئا ماني پاڻ پچائي کائيندا هئا. ڊاڪٽر بدرافغان ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نورمحمّد ٽالپر به ان وقت Ph.D ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾ هئا. 09 نومبر 1964ع تي سيد قادن شاھ کي خط لکي ٻڌايو اٿن تهD.I.C   (Diploma Of Imperial College)هڪ سال لاءِ ڪرائيندا آهن پوءِ Ph.D جو ڪم شروع ڪرايو ويندو آهي مونکي هڪ سال جو عملي تجربو هو ۽ منهنجي ڪارڪردگي ڏسي ٻن ٽن مهينن اندر D.I.C جو شرط هٽائي سڌي سنئين Ph.D ۾ داخلا ڏني اٿن. اڳتي لکن ٿا ته، هتي سخت محنت ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اسان پاڪستان ۾ جيڪي ڪتاب M.Sc ۾ پڙهيا اهي هتي B.Sc ليول تي پڙهايا ويندا هئا ۽ 1930ع کان وٺي هتي متروڪ آهن.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو پروفيسر G.W.kirby اتان جو مڃيل استاد هو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي استاد تي ايترو اثر قائم ڪري ورتو جو پروفيسر ڊاڪٽر اسدالله قاضي موجب ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪم ڪندو ئي مس هو ته ٻئي ڏينهن سندس سپروائيزربيٺو هوندو هو آئون چوندو هئس ته مُلان منهنجو سپروائيزر مونسان ڳالهائي ڪونه ٿو پڇانس ٿو ته آئون ڪهڙا ڪتاب پڙهان ته انتهائي رخو ٿي وراڻيندو هو ته وڃي لائبريري ۾ ڳول (ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ لاءِ پيار سان قاضي صاحب باربار مُلان چوندو رهيو) ڊاڪٽر اسدالله قاضي جن وڌيڪ ٻڌايو ته مون پنهنجي استاد سان ضد ڪيو ته مونکي M.Sc ڪرڻ ڏيو جنهن تي استاد ناراض ٿيو ۽ وراڻيائين ته امپيريل ڪاليج لنڊن جي ڊپلوما يونيورسٽي جي M.Sc کان وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي ٻن ٽن مهينن ۾ D.I.C ملي وئي ۽ پاڻ Ph.D به اسان کان ٽي مهينا کن اڳ مڪمل ڪري ويو حالانڪه اسين ڪاليج ۾ مهينو دير سان پهتا هئاسين. ڊاڪٽر حاجي محمود ۽ ڊاڪٽر بدر افغان اسان کان به ٻه ٽي مهينا اڳي لنڊن ۾ موجود هئا پر ڪن سببن جي ڪري اهي اسان کان به مهينو کن پوءِ ڊگري وٺي آيا.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو پروفيسر ‘لورپول’ يونيورسٽي وارن جي گهرائڻ تي اوڏانهن هليو ويو هو انڪري سندس شاگرد جي زباني امتحان جو لورپول ۾ بندوبست ڪرايو ويو. زباني امتحان لاءِ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڀائرن کي خط لکي ٿو ته آئون دنيا جي جديد ريسرچ وارن جرنلس مان به تياري ڪري ويو هئس اتفاق اهڙو ٿيو جو منهنجو ايڪٽرنل ان لٽريچر ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ هو، زباني امتحان  ختم ٿيندي ئي مبارڪ ڏيندي چيائين ‘محترم سيد هاڻي توهين ڊاڪٽر آهيو’ Ph.D جي ڊگري حاصل ڪري پاڻ آڪٽوبر 1967ع ۾ وطن واپس آيا. واپس اچڻ تي عزيزن، دوستن ۽ راڄ وارن جيڪا آجيان ڪئي اها وسارڻ جهڙي ڪانهي، ڪي ڪيترا ڏينهن ماڻهو ايندا رهيا ۽ خوشي جو اظهار ڪندارهيا. 23 آڪٽوبر 1967ع تي پاڻ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ پنهنجي جونيئر ليڪچرار واري عهدي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائون.

Sunday, April 8, 2012

University Education - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam

    سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد/ڄامشورو وارو زمانوـ
        لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان داخلا رد ٿيڻ بعد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي وئي ان وقت سائنس شعبي جو سربراھ ڊاڪٽر ممتاز قاضي صاحب هو جيڪو اصل نصرپور جي مشهور قاضي خاندان مان هو ۽ حيدرآباد ۾ رهائش رکندو هو. ڊاڪٽر قاضي صاحب پوءِ سنڌ جو سائنس جو سيڪريٽري ۽ صدر جوسائنسي صلاحڪار ٿيو. ڪيميا جو شعبو تڏهن اولڊ ڪئمپس واري بلڊنگ ۾ جتي هاڻي بي-ايڊ. ايم-ايڊ جا ڪلاس هلندا آهن اتي هوندو هو.
          يونيورسٽي جي پڙهائي ۽ حيدرآباد شهر جي رهائش جو خرچ ڀرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي خاندان وٽان پوري ساري رقم ملندي هئي جيڪا پڙهائي وغيره لاءِ ايتري مناسب ڪانه هئي. ڀائرن تان بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پاڻ ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيائين. هوم اسٽيڊ هال چاڙهي جي منهن ۾ مٿي ويندي ساڄي هٿ هڪڙي وڏي واڻڪي بلڊنگ ۾ تاج پور جو نواب خير محمّد خان ٽالپر رهندو هو سندس پوٽي امداد علي خان ولد مرحوم نواب الله بخش خان کي پڙهائڻ لاءِ روزانو ٽريننگ ڪاليج واري هاسٽل کان پنڌ وڃي پڙهائي ايندو هو. نواب خير محمّد خان اٽڪل 22 هزار ايڪڙ زمين رکندڙ وڏو جاگيردار هو انڪري سندس لاڏلي پوٽي جو پڙهائي طرف ڌيان پورو سارو هو ۽ ٽيوشن پڙهائيندڙ استاد سان تعاون گهٽ هو. ممڪن آهي استاد سان سلوڪ به ڪجھ اهڙو هجي جو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سلسلو ختم ڪري ڇڏيو. سندس جاءِ تي ٻيو هڪڙوغريب ۽ ضرورتمند ڇوڪرو غلام حسين خاصخيلي ٽيوشن پڙهائڻ لڳو(ڊاڪٽر غلام حسين خاصخيلي سنڌ يونيورسٽي مان پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ڪيو وڏا وڏا ريسرچ پروجيڪٽ هلائيندو هو ۽ ناميارو پرفيسر مڃيو ويندو هو.)
انهي زماني ۾ الله بخش نظاماڻي نور محمّد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج جو سربراھ هو. نظاماڻي صاحب جڏهن ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ناموس ٻڌي ته کيس معمولي پگهار تي ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيائين. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي رهائش ٽريننگ ڪاليج ۾ هئي انڪري هن لاءِ چند قدمن تي وڃي شام جو پڙهائڻ آسان هو. هي 61-1962ع جو زمانو هو سنڌ يونيورسٽي جي ڄامشوري واري ڪئمپس جون هاسٽلون ٺهي رهيون هيون جن جا ٽي چار بلاڪ ٺهي چڪا هئا ۽ ڪجھ شعبا اوڏانهن منتقل ٿي ويا هئا. ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ پڻ اوڏانهن منتقل ٿي ويو انڪري مسلم ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو سلسلو بند ٿي ويو. اهڙي وقت ۾ مولوي شفيع محمّد ولد مير محمّد نظاماڻي ويٺل ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جنهن جو ڏيپرن جي ادارن جي سلسلي ۾ اڳ ئي ذڪر ٿي چڪو آهي تنهن ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ڪي قدر مالي سهائتا ڪئي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ پڙهائي جي سلسلي ۾ بي انتها محنتي شاگرد هو، پڙهائي واري زماني ۾ ڪڏهن به کٽ يا هنڌ استعمال ڪونه ڪيائين چوندو هو ته جيڪي شاگرد پڙهائي دوران ننڊون ڪندا اهي وڏي هوندي ڇا ڪندا. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ 1961ع ۾ بي-ايس-سي آنرز ڪئي، سائنس فيڪلٽي ۾ اول نمبر آيو کيس چاندي جو ٻلو مليو مجموعي طور سندس ٻيو نمبر هو پهريون نمبر ڪنهن ڇوڪريءَ حاصل ڪيو. ڪيمسٽري ميجر ۽ باٽني مائينر سبجيڪٽ هئا. جڏهن M.Sc فائينل جا امتحان ٿيا ته ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ پنهنجي استاد ڊاڪٽر ممتاز قاضيءَ کي گذارش ڪئي ته B.Sc ۾ ساڻس قدري ناانصافي ٿي آهي هينئر به ساڳيو امڪان آهي انڪري سندن امتحاني پيپر ڍاڪا يونيورسٽي کي روانا ڪيا وڃن. پروفيسر ڊاڪٽر قاضي صاحب جن پيپر ڍاڪا يونيورسٽي کي روانا ڪرائي ڇڏيا جڏهن نتيجو آيو ته ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ٿيو سلور ميڊل ماڻيائين ۽ مقابلو ڪندڙ ڇوڪريءَ ساراھ جهڙا نمبر به ڪانه آڻي سگهي.
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ذهانت جي باري ۾ سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر، ليکڪ ۽ ڊرامه نگار محمّد اسماعيل عرساڻي (آچر22 مئي 1983ع جي هلال پاڪستان اخبار ۾ڇپيل مضمون) لکي ٿوته هڪ دفعي ڪنهن ممتحن سندس پرچي ۾ ئي نوٽ لکيو ته ‘‘امتحان ڏيندڙ امتحان جو پرچو ڏسندڙ کان بهتر ٿو ڄاڻي’’.

Friday, April 6, 2012

Admission in MBBS - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


لياقت ميڊيڪل ڪاليج وارو زمانوـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انٽر بائلاجي ۾ ڪئي هئي سال 58-1959ع ۾ کيس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ملي. ننڍي عمر ۾ کيس مُدي جو بخار ٿي پيوهو انڪري ٻڌڻ جي قوت متاثر ٿي هئي هڪڙي ڪن کا گهٽ ٻڌي سگهندو هو. ميڊيڪل جي پڙهائي دوران پاڻ هڪڙو سائونڊر استعمال ڪندو هو. اهو سائونڊر ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي، پنهنجي مربي  ۽ استاد مولوي عبدالله ولد نهال خان لغاري سانگهڙ واري لاءِ آندو هو. مولوي صاحب جي وفات بعد ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ اهو سائونڊر، ڊاڪٽر هاليپوٽي کان خريد ڪيو هو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ سال جي شروعات ۾ ئي ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ نئين سيدآباد واري کان ڪتابن جو سيٽ اڌارو ورتو ۽ هزار روپيه کن ڀري جرنل وغيره به ورتا هئا. پڙهائي جي ڇهن مهينن اندرڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ پيش ٿيو ان وقت ڪاليج جو منتظم ڪرنل نجيب هو، نوجوان شاگرد کي ڪن ۾ سائونڊر لڳل ڏسي داخلا رد ڪري ڇڏي حالانڪه ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي پڙهائي جي رپورٽ ڏسڻ بعد ڪرنل حيران رهجي ويو هو پر پوءِ به ان بنياد تي داخلا رد ڪيائين ته گهٽ ٻڌڻ واروماڻهو ڊاڪٽر ڪئين ٿيندو.

      داخلا رد ٿيڻ تي ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي تمام وڏو جهٽڪو لڳو ۽ پنهنجي آ ئيندي کان ڪي قدر مايوس ٿي ويو. پنهنجي وڏن ڀائرن سان ڏک اوريائين جن همٿ ٻڌائيندي کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لا تيار ڪيو ۽ چيو ته ماڻهن جو علاج ڪرڻ وارو نه سهي الله چاهيو ته تون علم جو ڊاڪٽر ٿيندين ۽ دنيا ڏسندي. ڇاڪاڻ ته هي سال جو وچ هو انهيءَ ڪري کيس سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي نٿي سگهي، تنهن ڪري وقت ڪاٽڻ لاءِ ڏيپرن ۾ مولوي شفيع محمّد جي قائم ڪيل هاءِ اسڪول ۾ سائنس پڙهائڻ شروع ڪيائين. مولوي مرحوم ئي کيس اهڙو مشورو ڏنو هو ۽ چيو هو ته جڏهن سال پورو ٿئي تڏهن وڃي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجان.


College Education - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد (D.G college ) وارو زمانوـ
سال 56-1957ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ داخل ٿيوان وقت به ڪٽنب جي مالي حالت ايتري پاڻ ڀري ڪانه بلڪه قياس جهڙي هئي سندس ٻه وڏا ڀائر ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادر بخش شاھ (سيد قادن شاھ) پرائمري استاد هئا، سيد ميرل شاھ مئٽرڪ پاس ڪري وڃي هاءِ اسڪول ٽيچر ٿيو، انهن ڏينهن ۾ استادن جو پگهار سوتو پوتو هو تنهن ڪري ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ کي وڏن ڀائرن جي دوست مولوي محمّد سلطان ڪوريجي وٽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي هاسٽل نمبر هڪ ۾ رهايو ويو. مولوي صاحب ڪاليج ۾ فقه جو استاد ۽ مسجد جو پيش امام هو ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ مولوي صاحب گڏ رهندا هئا. استادن جي هاسٽل جي ميس جي ماني مڙئي گذاري جهڙي ٿيندي هئي، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ان تي گذارو ڪري روزانو اوٽ موٽ اٽڪل 04 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ڪاليج ويندو هو.اهڙين حالتن ۾ پڙهائي ۾ ڪجھ رخنو پيو انڪري ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انٽر سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪئي تڏهن به سائنس ۽ رياضي ۾ امتيازي نمبرن سان پاس ٿيو اهو سال 1958ع هو.

Wednesday, April 4, 2012

High School Education - Courtesy of Prof Attaullah Bukhari, Agriculture University Tando Jam


مخدوم غلام حيدر مدرسه ۽ هاءِ اسڪول هالا جو زمانوـ
تعلقي هالا جو ڳوٺ واليڏنو ڏيپر جنهن کي جماعت اسلامي وارن منصوره بنائي ڇڏيو آهي اتي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي جي خاڪسار ۽ انتهائي مخير ۽ مخلص شخص مولوي شفيع محمد نظاماڻي تعليمي ادارن جو بنياد وڌو، پرائمري اسڪول، اورينٽل ڪاليج ۽ ديني مدرسو قائم ٿيا اڳتي هلي هاءِ اسڪول پڻ قائم ڪيو ويو. انهن مڙني ادارن کي هلائڻ لاءِ مولوي (مرحوم) پنهنجي ٻه سئو ايڪڙ کن بهترين زرعي زمين وقف ڪري ڇڏي. ان اداري جي شروعات ۽ عروج ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي وڏن ڀائرن ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادن شاھ جو وڏو هٿ هو.

مولوي شفيع محمّد ان وقت مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا جي بورڊ جو ميمبر هو، پنهنجي ڀلي طبعيت ۽ سيد ڀائرن سان واسطي جي ڪري سيد ميرل شاھ ۽ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جن کي هالا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ ۾ مدد ڪيائين. 02 اپريل 1949ع تي داخلا ٿيڻ بعد هاءِ اسڪول واري تعليم جو آغاز ٿيو. ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر غلام رضا ڀٽو هو، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي جوهر کي تاڙي ورتائين ۽ ڀٽو صاحب سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ کيس بي انتها ڀائيندو هو. انهيءَ زماني ۾ هاءِ اسڪول اسڪالرشپ انگريزي ٽئين درجي مان ٿيندي هئي، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ انهيءَ امتحان جي لاءِ سراج الدين ميمڻ ۽ فيض محمّد ميمڻ نالي ٻن انتهائي قابل استادن وٽ تياري ڪرڻ لڳو 52-1953ع ۾ ڏنل امتحان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري اسڪالرشپ جو حقدار ٿيو. پڙهائي دوران اسڪول ليول تي ٿيندڙ ڊبيٽن ۾ به ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ حصو وٺندو هو، استادن ۽ شاگردن جي مقابلي واري هڪ ڊبيٽ ۾ ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڪپ کٽيو ۽ سندس ٽيم استادن کان مقابلو کٽي ورتو.اسڪول جي پڙهائي دوران پاڻ کان مٿئين درجي  جي شاگردن کي حساب ۽ سائنس پڙهائيندو هو. پنهنجي ڪلاس ۾ سدائين پهريون نمبر ايندو هو انڪري هيڊ ماستر ۽ ٻيا استاد توڙي شاگرد کيس تمام گهڻو چاهيندا هئا ۽ سندس عزت ڪئي ويندي هئي. سال 1953ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ ورنيڪبولر فائينل امتحان جو پهريون ڀيرو سينٽر هالا کي ڪيو ويو، سندس شوق ٿيوته اهو امتحان به ڏئي ڇڏجي، فارم ڀرائي امتحان ڏنائين ۽ سڄي سينٽر مان فرسٽ ڊويزن ۾ اول آيو.

هاءِ اسڪول واري تعليم دوران ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ۽ کائنس وڏو ڀاءُ سيد ميرل شاھ اسڪول جي هاسٽل ۾ رهندا هئا، اسڪول جو باني مخدوم غلام حيدر (مخدوم محمّد زمان طالب المواليٰ جو چاچو) زندھ هو اهو پنهنجي طرفان شاگردن جي کاڌي لاءِ گهڻي ۾ گهڻي مدد ڪندو هو. غريب شاگردن جي ڪپڙي لٽي، کاڌي پيتي ۽ ڪتابن جو بار پاڻ کڻندوهو. اسڪول جي هاسٽل ۾ مانيءَ جو بندوبست مولوي عبدالباقي سنڀاليندو هو جيڪو نھايت ڪفايت شعار هو انڪري شاگردن جي کاڌي پيتي ۾ به ڪفايت کان ڪم وٺندو هو. هاءِ اسڪول جو ستون سال پورو ٿيو مئٽرڪ جي امتحان جو سينٽر ساڌو هيرانند، نولراءِ اڪيڊمي حيدرآباد ۾ هو، انهيءَ وقت امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ 55-1956ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي، حسابن، جاميٽري، آلجبرا ۽ عربيءَ ۾ امتيازي مارڪون کڻي هاءِ اسڪول ۾ ٻيو نمبر آيو.


Tuesday, April 3, 2012

Early life - Courtesy of Prof Syed Attaullah Shah, Agriculture University Tando Jam


شروعاتي احوال ـ
ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي خاندان کي سنڌ ۾ ڪا به مريدي خادمي ڪانه هئي ۽ نه ئي وري ان طرف رجحان رهيو، سندن وڏا خاڪ شوري جو پورهيو ڪري پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پاليندا هئا. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ (وفات، جولاء 1987ع) ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي زندگيءَ جو احوال (اڻ ڇپيل) ۾ لکي ٿو ته سندن ڏاڏو سيد محمّد شاھ جيڪو حيدرآباد مان لڏي پنهنجي اڳ ويٺل عزيزن وٽ ڳوٺ امين لاکي ۾ اچي رهيو، مشهور کوهاڻو هو، کوهن لاءِ سرون به پاڻ وجهندو ۽ پچائيندو هو. ساڻس گڏ سندس عزيز سيد لعل شاھ به ساڳيوپورهيو ڪندو هو. ڳوٺ بچو رند، پراڻي سيدآباد جي باغ وارو کوھ ۽ ڳوٺ امين لاکي جي اُتر ۾ سنهڙي وارو کوھ جيڪو واڻين کڻايو هو ۽ اڄ به دائم قائم آهي مڙئي سيد محمّد شاھ جا کنيل هئا. پاڻ وفات وقت پنهنجي پٽن کي چيو هئائين ته مون اوهان کي پنهنجي سيني جو رت ولوڙي کارايو آهي تنهنڪري اوهين به پنهنجو پورهيو ڪري ٻچا پالجو پر ڪنهن ڏي هٿ نه ڊگهيرجو. سندس فرزندن به سڄي عمر ٻنيون ڪاهي، نار چاڙهي ۽ ٻيون ڪيترن قسمن جون مزدوريون ڪري پنهنجون زندگيون گذاريون ۽ اولاد نپائي وڏو ڪيو

ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ 1934ع ڌاري ڄائو، پر اسڪول رجسٽر ۾ سندس ولادت جو سال 1939ع درج ٿيل آهي. اُن وقت هي ڪُٽنب تمام غربت جي زندگي گذاريندو هو، ٻنيون جيڪي ٿوريون گهڻيون هيون سي درياءُ پائي ويو باقي وڃي 11 کن ايڪڙ ڇڏيائين. مال چور ڪاهي ويا، ڳاڙهو اُٺ جنهن کي ديوانو سڏيندا هئا ۽ هڪڙو ڍڳو به چورائجي ويو خبر پوڻ جي باوجود چورن مال ڪونه موٽايو. خاندان جو ڏاڍو ڏکيو گذر ٿيندو هو اڪثر ويلا پئجي وينداهئا، اهڙي حال ۾ ڳوٺ شير خان مجيداڻي جو تڳيو مجيداڻو، مائي ڀانوان، مائي ڳوري، ڳوٺ هوت سيال جي مائي صابي سيالڻ ۽ ڳوٺ امين لاکي جي مائي ڌاڻَو حاجاڻي ۽ پيرزادا، خاندان جي مدد ڪندا هئا. ان ئي زماني ۾ سيدآباد پراڻي جي گر بخش سنگھه پٽ سُندر سنگھه وٽ گروي رکيل 10 ايڪڙ زمين جو ٽڪرو قرض ۾ هليو ويو.

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ جي ولادت کان هڪ سال اڳ يعني 1933ع جا يادگيرا لکندي ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته 1933ع ۾ بابا چڻا پوکيا جن کي سيءَ ساڙي ڇڏيو باقي جيڪي بچيا انهن کي ڪينئون وٺي ويو فصل مان ڪجهه ڪونه مليو انڪري اڪيلو ڍڳو جنهن کي لاڏڪو سڏيندا هئاسين اهو رمضان حاجاڻي کي ويهن رپين ۾ ڏئي ڍل پياريسون. ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ جو ٻيو نمبر وڏو ڀاءُ سيد قادر بخش شاھ عرف قادن شاھ انهن ڏينهن لاءِ لکي ٿو ته غربت جي ڪري ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذرندا هئا، هڪ ڀيري گهر ۾ اَنُ ڪونه هو امان کي الائي ڪٿان هڪڙو ٽَڪو مليوهو. اڳي ٽامي جا ٽَڪا هئا جنهن جي تور هڪ تولو هوندي هئي. آئون اهو کڻي ‘ڪرمووائڻي’ جي هٽ تان اَنُ وٺڻ ويس اتي هڪ مسلمان ويٺو هو ٽڪي جو اَنُ وٺندو ڏسي هن کلي چيو ‘ٽڪي جو اَنُ ؟’، واڻئي مونکي اَنُ توري ڏنو هو. سيد قادن شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته بابا پورهيو ڪري جيڪي هٿ ايندو هئس گهر کڻي ايندو هو، امان ڀرت ڀري، کٽون واڻي، جنڊ پيهي  ڪجھه نه ڪجھه ڪمائيندي هئي. ڪي ماڻهو تعويذ لکائڻ ايندا هئا يا ٻارن کي ستيون ڦڪيون ڪرائڻ ايندا هئا. امان جي هٿ ۾ الله سائين وڏي شفا رکي هئي ماڻهو ستين ڦڪين بدلي اَنُ يا پئسا ڏئي ويندا هئا.

ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لکي ٿو ته امڙ ڏاڍي سياڻي، سيبتي ۽ صبر شڪر ڪرڻ واري هئي، اسان ٻارن کي چيل هوندو هو ته ڪڏهن به مانيءَ واري وقت تي ڪنهن عزيز قريب يا قُرب وارن جي گهر ڪونه وڃبو، جيڪڏهن وڃو ته مانيءَ کائڻ مهل کين ڪڏهن به ڪونه ڏسبو. اسان پرائمري جي پڙهائي دوران اسڪول مان موٽي ايندا هئاسون گهر ۾ جيڪڏهن ماني ڪانه هوندي هئي ته ماءُ جي ڏنل سمجهاڻيءَ تي راند روند کي لڳي ويندا هئاسون ڪڏهن به ماءُ کي مانيءَ لاءِ تنگ ڪونه ڪيوسيون. چڙي جواني کي پهتاسين ۽ حالتن وڌيڪ پڪو پختو ڪري ڇڏيو ان وقت اسان وٽ هڪ اصطلاح هوندو ته اڄ اسان کي وڏن جي سنت ڪرڻي آهي يعني اڄ اسان کي فاقو ڪڍڻو آهي. ڪچڙي جواني کي پهتاسين ۽ حالتن وڌيڪ پڪو پختو ڪري ڇڏيو ان وقت اسان وٽ هڪ اصطلاح هوندو ته اڄ اسان کي وڏن جي سنت ڪرڻي آهي يعني اڄ اسان کي فاقو ڪڍڻو آهي.

ڊاڪٽر صاحب جن جي والده (وفات جولاءِ 1987ع) ٻڌائيندي هئي ته جڏهن وڏل شاھ ڄائو ته گهر ۾ ان ڪڻا به ڪونه هئا ۽ نه وري ٻار جي دُڪي لاءِ مکڻ ڦُٽي هئي. سُئانجي لاءِ رکيل گھه جو ذرو به هارجي ويو ان تي وڏل شاھ جي چاچي خان شاھ چيو ته اڄ اسان جي غربت ڇيھه تي وڃي پهتي، هاڻ ڏينهن ورندا، ٿيو به ائين، حالتن ۾ آهسته آهسته بهتري اچڻ شروع ٿي وئي.

ڊاڪٽرسيد وڏل شاھ اڃا پنجن سالن کن جو هوندو جو 1939ع ۾ سندن والد وفات ڪري ويو گهر ۾ وڏو پٽ ٻار ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ هو جنهن جي ان وقت عمر 15 سال کن هوندي. ٻن وڏن ڀائرن ۽ درويش سئوٽ سيد ٻُڍل شاھ گڏجي پورهيا ڪيا، ٻنيون ڪيون، نار چاڙهي آبادي ڪئي، ڏاڪ ڪئي، پلڙا روڙيا، ماکيون لاٿيون. ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ ۽ سيد قادن بخش شاھ ٻين پورهين سان گڏ اُٺ پڻ لڏيا. 1945ع ڌاري ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ جو -/565 رپين ۾ ورتل اُٺ اوچتو بيمار ٿي پيو ان جي مُنڍي کيس ڪرنگهي ۾ لڳي وئي هڏيون ٿوريون کسڪي ويون پاڻ کٽ تي پئجي ويو.

ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ يادگيرن جي نوٽ بڪ ۾ لکي ٿو ته بابا جي وفات بعد پنهنجو هلٽَ به ڪونه هو پٽ سٽ جي ڏاندن تي نار چاڙهي ٻني پوکيسون. نار پوک لاءِ چوندا آهن ته شينهن کي ڪن کان جلهڻ برابر آهي پر اسان ٻارن ان شينهن کي ٻلي سمجهي ڪن کان جلهيو هو ڪنهن جي به مدد ڪانه ورتي سون. ماڻهو هلي اچي ڏسندا هئا ته هي ٻار ڪيئن ٿا پوک پچائين. ڊاڪٽرسيد محمّد صالح شاھ وڌيڪ لکي ٿو ته اسان وٽ ڳوٺ هوت سيال جي سيالن کان ورتل هڪڙي ڍڳي هوندي هئي جنهن کي گُنديل سڏيندا هئاسين ڇاڪاڻ ته پيٽ وڏو هئس، ننڍڙو وڏل شاھ اها ڍڳي چاريندو هو ۽ ان جو گاھ پَٺو به ڪندو هو ننڍو هو پر سگهو هو انڪري ڍڳي خوب تاتي هئائين. چاچا خان شاھ کي خدا ڪارڻ ٻڪريون مليون جنهن مان هڪڙي ميرل شاھ کي ڏنائين ان ٻڪري کي اسين ڪِڪي سڏيندا هئاسين جنهن مان ڏهاڪو کن ٻڪرين جو ولرڙو هو جيڪو وري وڏل شاھ کان وڏو ڀاءُ سيد ميرل شاھ چاريندو هو.

1935ع ۾ فائينل پاس ڪري ويٺل ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ کي 1945ع ۾ ڳوٺ باگو رند تعلقو هالا ۾ پرائمري استاد طور آرڊر مليو جيڪو سندس سئوٽ امام علي شاھ آڻي ڏنو. اُٺ جي مُنڍي لڳڻ ڪري کٽ تي پئجي ويل ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ لٺ جي ٽيڪ تي ڳوٺ کان ميل سوا پنڌ تي باگي رند ۾ وڃي پڙهائڻ شروع ڪيو. سال 1946ع ۾ سيد قادن شاھ ڇڏيل پڙهائي وري شروع ڪئي، 1947ع ۾ فائينل پاس ڪيائين حيدرآباد ضلع ۾ 18 نمبر آيو. سال 1948ع ۾ سيد قادن شاھ کي ڳوٺ واليڏنو ڏيپر ۾ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ڪري مقرر ڪيو ويوهيءَ سندس پهرين تقرري هئي. ٻنهي وڏن ڀائرن گڏجي خاندان کي سهارو ڏنو ۽ خاندان جا ڏينهن بهتري طرف ڦرڻ شروع ٿيا.


Glimpse of Family History - With courtesy of Prof Syed Attaullah Bukhari, Sindh Agriculture University Tando Jam


بخاري حسيني ساداتن جي سلسلي مان نقوي سيد آهن. امام علي نقيءَ جي اولاد ۾ ڏهين پيڙهيءَ ۾ سيد جلال الدين حسين شريف الله الملقب شير شاھ سرخ  بخاري سن 640 ھ ۾ بخارا کان سنڌ ۾ آيو ۽  بکر ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. سندس اولاد مان ٻه فرزند پڻ بخارا کان سنڌ ۾ آيا پر واپس هليا ويا. سيد جلال سان گڏ آيل ڀاءُ سيد جمال شاھ پشين بلوچستان ۾ وڃي سَڪونت اختيار ڪئي، سندس اولاد اتي وڏي حيثيت وارو آهي. سيد جلال الدين بکر جي هڪڙي وڏي امير سيد بدرالدين جي نياڻي سان نڪاح ڪيو، ان بيبيءَ جي بطن مان پنج پٽ ٿيا جن مان سيد احمّد ڪبير کي ٻه فرزند سيد جلال الدين شاھ (ثاني) المعروف جهانيان جهان گشت ۽ سيد صدرالدين راجو قتال پيدا ٿيا، سيد صدرالدين جي مزار دهليءَ ۾ آهي ۽ جهانيان جهان گشت اُچ شريف ۾ پنهنجي ڏاڏي سيد جلال الدين جي ڀَرو دفن ٿيل آهي.

سيد جلال الدين جهانيان جهان گشت کي ٽن فرزندن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو جن مان سيد ناصر الدين لاءِ خزينته الا صغياء جو مصنف لکي ٿو ته شريعت، طريقت، حقيقت، شرافت ۽ نجابت، ڪرامت ۽ ولايت ۾ وڏو رُتبو رکندڙ هو. والد جي هٿ بعيت هو، کيس خرقعه خلافت مليل هو ۽ ذڪر فڪر ڏيڻ جي اجازت مليل هئي. سيد ناصرالدين شاھ (1341ع- 1398ع) وڏو صاحب اولاد هو، سندس فرزندن مان سيد ايوب شاھ (جيڪو ڪچيءَ جو شينهن سڏبو آهي) پنهنجي ماسات سيد ڇُٽل شاھ سان ملڻ ڪڇيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ اتي ئي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. سيد ايوب شاھ، سمن جي دور حڪومت ۾ ڀاڳناڙيءَ ۾ آيو ان وقت هي علائقو سنڌ جو حصو هو، هاڻي بلوچستان ۾ آهي. پاڻ اندازاَ 70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون، گنداوا جي علائقي ۾ سندن درگاھ رجوعات جو مرڪز آهي.

حضرت سيد ايوب شاھ جي پيڙهيءَ مان چار گهر سيد خير شاھ ۽ سندس ڀاءُ سيد فاضِل شاھ ۽ سئوٽ سيد گُل شاھ ۽ سيد بچل شاھ قلندر جي درگاھ تي حاضري ڀرائڻ آيا پٺيان سندن ئي عزيزن هنن جي گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون. هي چارئي ڪٽنب اباڻا گهر گهاٽ ڇڏي حيدرآباد سنڌ ۾ ڪانگن کاڌي واري علائقي ۾ اچي رهيا.سيد بچل شاھ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي سندن  مزار آفندي ٽائون جي ويجهو بچل شاھ بخاري قبرستان ۾ آهي جيڪو سندن نالي سان شاھ بخاري قبرستان سڏجي ٿو. ( هن وقت ٽنڊو طيب وارو قبرستان سڏجي ٿو.

سيد بچل شاھ ۽ سندس عزيزن جي سنڌ ۾ اچڻ جو زمانو غالبَا ڪلهوڙن وارو دور وڃي بيهندو. سيد بچل شاھ جو فرزند سيد  محمّد شاھ شايد ڪلهوڙن ۽ ٽالپر اميرن جي لڙاين يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري حيدرآباد مان لڏي ڳوٺ اڇي مسجد وارا راهو (تعلقو هالا) ڳوٺ ڇِلي وارا اُنڙ (تعلقو شهدادپور) ڳوٺ بچل ڪاڪو عرف ٻُوڪ ڪاڪا، ڳوٺ گولو جکرو ۽ آخر ۾ ڳوٺ امين لاکو تعلقو هالا ۾ پنهنجي اڳ ويٺل عزيزن سيد خير شاھ،  سيد فاضل شاھ ۽  سيد حسين شاھ جن جي ڀَرو اچي ويٺو. وڏن جي پنهنجي هٿن سان وڌل هڪڙي اوڏڪي ڀت واري جاءِ جون ڀتيون اڃان به موجود آهن (2011ع). سيد محمّد شاھ کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. سيد بچل شاھ، سيد سانول شاھ (شادي ڪانه ٿي هئي جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو) سيد خان محمّد شاھ ۽ سيد ڏتل شاھ، سڀ کان ننڍي پٽ سيد ڏتل شاھ جي اٽڪل روء چاليهن سالن جي عمر ۾ سيد شيرشاھ جي نياڻي سيده هاجره شاھ سان شادي ٿي جنهن مان اَٺن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو. سيد محمّد شاھ اول، سيد محمّد شاھ ٻيو، سيد علي محمّد شاھ، ڊاڪٽر سيد محمّد صالح شاھ، سيد مسڪين شاھ، سيد قادر بخش شاھ عرف سيد قادن شاھ، سيد محمّد شاھ عرف سيد ميرل شاھ، ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ عرف بقادار شاھ. جن مان پهريان ٽي پٽ ۽ پنجون نمبر پٽ فوت ٿي ويا. باقي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هن وقت به ڳوٺ امين لاکي ۾ رهي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان ننڍو هو کائنس صرف هڪڙي ڀيڻ ننڍي هئي جيڪا اڃان به حال حيات آهي. سندس ڀائرن مان هڪڙو ڀاءُ سيد ميرل شاھ هن وقت لڳ ڀڳ 75 سالن جي ڄمار جو آهي.

In the memory of late Syed Wadal Shah


In the memory of late Syed Wadal Shah

Dr S.M Qureshi,
Pro Vice Chancellor Engineering University, Jamshoro

Since long time, I aspired to write something on how I observed and understood the honorable personality of late Syed Wadal Shah. I dedicate this article to a great person, a friend, a companion and comrade, though who is no more physically with us but he will always remain in our memories. Mr Shah was one of the comrade and leader of our caravan who dreamed to see the University of Sindh as esteemed academic and research nucleus both at national and international levels. I wish to shed light on this great cause, so that our present and future generations, directly or indirectly related to University of Sindh can learn the lesson from Mr Shah’s life.

I first time met Mr Shah in 1966 on his return to Engineering College, University of Sindh after completion of his PhD from England. During that period, college was in its infancy and we were worried because of shortage of qualified teachers. In such time, joining of Mr Shah was blissful and a great support. Our students of first year were using facilities available in Department of Chemistry (Now called Institute of Chemistry) for experiments.  Mr Shah felt the importance of chemistry laboratory and with the support of College administration established chemistry lab in Engineering College and our student were relieved to visit Department of Chemistry.

It was Mr Shah’s strong affection with the College which made him to think for development and flourishing of the institute. Most of times, Mr Shah used to come College before time and worked for long hours till nights. In those days, I was also busy in College affairs and mostly we accompanied to leave office for home in nights. After long periods of working and while returning to homes, we felt satisfaction and were happy on the day used in development of the University and particularly the college.

Since early education to higher education, Mr Shah remained bright student and his personality glowed in every phase of his education. After completing his MSc and PhD he was highly inclined to research in his field. As earlier said, chemistry was being taught to first year students of the Engineering College and there were scanty research facilities at the College. In this situation, Mr Shah affiliated himself with Department of Chemistry for research work. This way he engaged himself in not only teaching but research as well. Meanwhile, he secured one year research opportunity from Tokyo University, Japan in Chemical Engineering. Though he married just one week before his departure to Japan but his thrust for knowledge and education derived him to seek consent and support from his newly married wife and his family for departure to Japan. He successfully completed diploma in chemical engineering and returned to country and engaged himself in teaching and research.

After his return from Japan Mr Shah struggled for establishment of chemical engineering department in Engineering College. As he was more inclined to research and teaching as well, therefore, he was transferred to Department of Chemistry (today’s Institute of Chemistry, University of Sindh) and established chemical engineering department which was then shifted back to Engineering College.

After shifting of Chemical Engineering Department to Engineering College, Mr Shah gained more time for research and he encouraged students for PhD research. It was first time in the history of University of Sindh, Mr Shah engaged many students (Translators note: Initially 5 students were enrolled in PhD program) in PhD research from Faculty of Science. It was his God gifted ability and untiring effort, which, made successful completion of enrolled PhD students possible, within 3 years. His students are now Professor, Assistant Professor and author of scientific books. This great achievement also encouraged Mr Shah to do more in his field and he decided to establish dedicated research laboratory in his specialized field (Translators note: his field of specialization was organic chemistry).  To achieve this objective, he prepared many research schemes and secured approval and funding from University Grants Commission and Pakistan Science Foundation. Through these schemes many students secured jobs as well as completed PhD research.

I was in Islamabad working in Pakistan Science Foundation as a Member (Science) when he forwarded research schemes for approval and grants. Pakistan Science Foundation approved his schemes as well as he succeeded to secure funding from National Science Foundation America on his research proposals. This achievement encouraged him, and he remained concerned to seek financial assistance from foreign organizations for further development and facilitation of his research laboratory. Many times, Mr Shah talked to me for advice on his proposals and I always found him more and more concerned about his mission.

When I was leaving for Islamabad to join Pakistan Science Foundation, late Mr Shah along with other friend came to Hyderabad railway station for farewell. I still remember, and Mr Shah was also well aware about the reasons of my relieving from Engineering College, but he advised me to join Pakistan National Foundation because he thought that through this platform more services and work can be done for University of Sindh and by the time this was proved. His affection with the University can be judged from his thoughts.

Mr Shah’s valued efforts for Science Society are remarkable. Two science conferences were held under the umbrella of two to three years old Sindh Science Society. Its office was under construction and a plan for publishing scientific books was being prepared. I was very much conscious about this work before leaving Islamabad, but presence of Mr Shah and his support made me comfortable. Despite of his several engagements, he offered his services to undertake the responsibility of Sindh Science Society and successfully fulfilled his obligations. Dr Muhammad Sharif also provided support to him in Society’s activities. He organized and managed 3rd International Science Conference held in Nawabshah and credit of its success goes to him. On this occasion he published five books on science in Sindhi language. Besides, he regularly published monthly “Science” magazine in Sindhi.

Mr Shah, in a very short span, contributed and served University of Sindh and Sindh province in general in every aspect such as teaching, research and producing scientific literature. He was a legendary son of Sindh. His efforts for scientific research and its progress in University of Sindh will remain affiliated with his name. He was an example and symbol for young generation. We strongly feel absence of Mr Shah and another comrade of this caravan Mr Noor Muhammad Talpur after their sad demises. Probably no body will fill their gap. Struggle and hard work is required to follow their path and to move their mission to its destination. There is a need to bring their dreams come true about University of Sindh. The glow which is dim after their deaths needs to be reenergized.  In the end, I hope and expect from young teachers of University of Sindh and student to feel the responsibility and follow the path of late Syed Wadal Shah to complete his uncompleted mission, so that we may not feel his absence.


Blogger’s notes:
1. The article is translated from Sindhi to English. The original article was published in a Booklet produced by Dr Syed Wadal Shah Memorial Society. The booklet was earlier uploaded in Sindhi version.
2. The translation is done by the blogger and may contain language mistakes, which may please be ignored by the audiences. It is a mere effort to facilitate the audiences with the hope that message is properly conveyed.